اسلام آباد – 31 – ڊسمبر (اي پي پي) مسلم لي?? (ن) جي قومي اسيمبلي ميمبرن جي استعيفائن جي حوالي سان قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر رولنگ ڏئي ڇڏي آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته استعيفائن جي تصديق نه ٿي سگهي ان لاءِ وڌيڪ ڪارروائي جي ضرورت نه آهي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب مسلم لي?? (ن) جي قومي اسيمبلي جي ميمبرن مرتضيٰ جاويد عباس?? ۽ ??اڪٽر محمد سجاد اعواڻ جي استعيفائن جي معاملي تي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پنهنجي رولنگ ۾ چيو آهي ته ٻنهي ميمبرن استعيفائن جي تصديق ناهي ڪئي ۽ ميمبرن پنهنجي استعيفائن کي جعلي قرار ڏنو آهي، مليل استعيفا لاڳاپيل ميمبرن جون ثابت نه ٿي سگهيون، استعيفائن تي ڪارروائي قانون، قاعدي، گائيڊ ۽ لائنز ۽ سپريم ڪورٽ جي في??لي جي روشني ۾ عملي ۾ آندي ??ئي.