ڪراچي – 12 مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ ۾ سماجي ۽ معاشي انقلاب لاءِ عورتن جي تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت جي فروغ تي زور ڏن??. هو گورنر هائوس ۾ پاڪستان ريلوي ۽ دي سٽيزن فائونڊيشن جي نمائندن سان ملاقات ۾ ڳالهائي رهيو هو. اجلاس ۾ خاتون اول بيگم ثمينه علوي به موجود هئي جڏهن ته ٻين شرڪت ڪندڙن پاڪستان ريلوي جي ڊويزنل سپرنٽينڊنٽ ڪراچي محمد حنيف گل، ٽي سي ايف جي جنرل مينيجر راحيله فاطمه شڪيل، انصاف ڪم??ون??ي سوسائٽي جي صدر زاهد اصغر شامل هئا. صدر خصوصي ٻارن کي تعليم فراهم ڪري انهن کي معاشي نظام ۾ شامل ڪرڻ تي زور ڏن??. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته بنگلاديش عورتن جي تعليم ۽ صلاحيتن ۾ ا??ا??و ڪري ملڪ مان غربت کي ختم ڪرڻ ۽ معيشت کي پائيدار بڻائڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. هن چيو ته انهي طرح پاڪستان کي به پائيدار ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ لاءِ عورتن جي تعليم ۽ پيشيوراڻي صلاحيتن ۾ ا??ا??و ڪرڻ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي.