اسلام آباد – 15 اپريل (اي پي پي) ??زي??اعظم عمران خان چيو آهي ته اسان پاڪستان ۾ قانون جي بالادستي جي مشڪل جدوجهد ڪري رهيا آهيون جنهن ۾ انشاءُ الله ڪامياب ٿينداسين، طاقتور ماڻهن کي قانون جي ماتحت ڪرڻ تائين ملڪ ترقي نٿو ڪري سگهي، غريب ماڻهو جيتري به چوري ڪري لنڊن ۾ جائيداد نٿو ڪري سگهي، ڪرپٽ ماڻهو ملڪ جو پئسو لُٽي ٻاهر کڻي ويا، مديني جي رياست جي اصولن کي اختيار ڪري پاڪستاني قوم عظيم قوم بڻجندي، ڪا به قوم تعليم کانسواءِ ترقي نٿي ڪري سگهي، مستحق ۽ غريب شاگردن جي مدد لاءِ وفاقي حڪومت هر سال ساڍا 5 ارب روپين جا 70 هزار وظيفا ڏيندي، پنجاب ۽ خيبرپختونخوا جون حڪومتون به هر سال 15، 15 هزار اسڪالرشپس ڏينديون. اهڙن خيالن جو اظهار هن رحمت اللعالمين اسڪالرشپ پروگرام جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ??زي??اعظم چيو ته پنجاب حڪومت کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو جنهن اهو اسڪالرشپ پروگرام شروع ڪرايو، پنجاب جي وڏي ??زي?? ان ۾ ذاتي دلچسپي ورتي، هاڻي خيبرپختونخوا ۽ وفاقي حڪومت به ان پروگرام تي عمل ڪري رهي آهي، ??زي??اعظم ان خواهش جو اظهار ڪيو ته سڀ صوبا ان پروگرام کي هلائين، هن چيوته نبي ڪريم ﷺ ??نيا جي تاريخ ۾ عظيم ترين انسان آهي، پاڻ ﷺ ??هڙو ڪير نه ڪڏهن هو ۽ نه ٿيندو، جيڪي عظيم ڪاميابيون پاڻ ﷺ ??اصل ڪيون اهي ڪنهن به پيغمبر کي حاصل نه ٿيون، اسان پاڻ ﷺ ??ي تعليم کي پنهنجي زندگي جي مختلف شعبن ۾ لاڳو ناهي ڪيو، مديني جي رياست جا اصول اسان جي لاءِ بهترين رهنمائي فراهم ڪندا آهن، اسان جي حڪومت چاهي ٿي ته نبي ڪريم ﷺ ??ي تعليم ۽ اسوه کي زندگي ۾ شامل ڪري. نبي ڪريم ﷺ مديني جي رياست ۾ قانون جي بالادستي ۽ فلاحي رياست قائم ڪئي ۽ تعليمي ايمرجنسي لاڳو ڪئي، نبي ڪريم ﷺ ??ڏهن ڪفار جا قيدي ??ڪڙيا ويا ته انهن مان هڪ قيدي جي واپسي جي بدلي 10 مسلمانن کي پڙهائڻ جو شرط رکيو ۽ علم کي ترجيح ڏني. اسلام علم حاصل ڪرڻ کي عب??دت جو درجو ڏنو ۽ ان لاءِ صدين تائين دنيا جا ڪيترائي نامور سائنسدان مسلمان ئي هئا ۽ هر شعبي ۾ مسلمانن قي??دت ڪئي، ??زي??اعظم چيو ته نبي ڪريم ﷺ ??حمت اللعالمين بڻائي موڪليو ويو آهي ان لا??ِ پاڻ ﷺ ??ي نالي تي شروع ڪيل اهي وظيفا صرف مسلمانن جي لاءِ نه پر ملڪ ۾ ڪنهن به مذهب جا شاگرد فائدو کڻي سگهن ٿا. اهي اسڪالرشپ ميرٽ تي ڏنيون وينديون ۽ آن لائين درخواستون وصول ڪيون وينديون، پاڪستان ۾ ڪنهن به حڪومت ان طرح جا وظيفا ناهن ڏنا، وفاقي حڪومت هر سال ساڍا پنج ارب روپين جا 70 هزار وظيفا ڏيندي، 5 سالن تائين اهي وظيفا ڏنا ويندا ان طرح ان پروگرام تحت 28 ارب روپين جون ساڍا 3 لک اسڪالرشپ ڏنيون وينديون، پنجاب ۽ خيبرپختونخوا جي حڪومت به هڪ هڪ ارب روپين سان 15 ،15 هزار اسڪالرشپ ڏينديون.