اسلام آباد – 27 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان قوم سان ڪيل پنهنجي احتساب جي واعدي تان ڪڏهن پوئتي نه هٽيو، وزيراعظم عمران خان قانو?? جي حڪمراني کي قائم ڪيو آهي، علي ظفر جي رپورٽ سان جهانگير تري?? جي خلاف تحقيقات تي ڪو فرق نه پوندو، ملاقات جي ح??الي سان بئريسٽر علي ظفر ۽ بئريسٽر شهزاد اڪبر جي ڳالهه کي اعتبار جوڳي سمجهان ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن نجي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي ڪيو، هن چيو ته کنڊ اسڪينڊل جي ح??الي سان جوڙيل ڪميشن پنهنجون سفارشون پيش ڪيون ۽ انهن سفارش?? جي بنياد تي ايف آءِ اي مختلف شوگر ملز جي خلاف ايف آءِ آرز داخل ڪيون ۽ انهن تي ڪارروائي شروع ٿي وئي، جهانگير ترين سياسي طور تي هڪ ڄاتل سڃاتل شخصيت آهي ان لاءِ ميڊيا تي ان جو ذڪر ٿيندو آهي ۽ باقي ج?? جي خلاف ڪارروايون ٿي رهيون آهن ا?? جي حوالي س??ن اڳڀرائي منظر عام تي نٿي اچي، هن چيو ته بئريسٽر علي ظفر کي رڳو جهانگير ترين گروپ جي طرفان شڪايت?? جي حوالي سان جاچ ڪرڻي هئي، بئريسٽر علي ظفر جي رپورٽ جو ايف آءِ اي جي جاچ يا عدالت جي سامهون جهانگير تري?? جي ڪيس ??ي ح??الي سان ڪو به تعلق نه آهي، اهي سڀ شيون پنهنجي پنهنجي جاءِ تي هلي رهيون آهن، بئريسٽر علي ظفر جو ڪم جهانگير ترين گروپ جي شڪايت جي ح??الي سان معاملن کي ڏسڻو آهي، مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته وزيراعظم عمران خان بنا فرق احتساب جي ح??الي سان هڪ اعليٰ مثال قائم ڪيو آهي ڪنهن به شخص جو تعلق چاهي حڪومتي پارٽي سان هجي يا مخالف ڌر سان هجي، جيڪڏهن ڪنه?? جي خلاف ڪو سوال اٿي ٿو ته انڪوائري به ٿيندي ۽ لاڳاپيل ادارا جاچ به ڪندا ۽ سڀني کي قانون کي منهن ڏيڻو پوندو.