اسلام آباد – 28 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته مستحڪم افغانس??ان جي ذريعي پوري خطي کي وچ ايشيا ۽ يورپ سان ملائڻ وزيراعظم عمران خان جو ويزن آهي، اسان معاشي بهتري لاءِ خطي ۾ امن ۽ اس??حڪ??م چاهيون ٿا، پاڪس??ان ۽ افغانس??ان کي پنهنجي مفاد جو فيصلو پاڻ ڪرڻو پوندو، سپر پاورز پنهنجي گيم کيڏي هليا ويندا آهن، نتيجا اسان کي ڀوڳڻا پوندا آهن، پاڪس??ان ۽ افغانس??ان جا ماڻهو هڪٻئي سان تاريخي رشتن ۾ جڙيل آهن، اسان جا لاڳاپا لاهن چاڙهن جي باوجود مستحڪم آهن. اهڙن خيالن جو ا??هار هن پاڪس??ان افغان يوٿ فورم جي اهتمام هيٺ پاڪ افغان ميڊياڪانڪليو جي افتتاحي سيشن کي خطاب ڪندي ڪيو، چوڌري فواد حسين چيو ته افغانس??ان ۽ پاڪس??ان جا ماڻهو مذهبي، ثقافتي ۽ جاگرافيائي طور تي هڪٻئي سان تاريخي رشتن ۾ جڙيل آهن، افغانس??ان جا ماڻهو ا??ان جا پنهنجا ۽ هڪ ئي قبيلي جا ماڻهو آهن، انهن سان اسان جي ويجهڙائي آهي، اسان جي زبان ۽ ثقافت هڪجهڙي آهي، افغانس??ان سان اسان جي لاڳاپن ۾ ڇڪتاڻ به رهي ۽ محبت به، اسان جا لاڳاپا لاهن چاڙهن جي باوجود اڄ به مستحڪم آهن، اهو ئي اسان جي تاريخ جو حصو آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته تاريخ کڻي ڏسو ته پاڪس??ان ۽ افغانس??ان جي وچ ۾ ڇڪتاڻ جي ڪيفيت تاريخ جو جبر هو، هن چيو ته روس ۽ آمريڪا ڪابل تي قبضو ڪيو ۽ نتيجو ا??ان کي ڀوڳڻيو پيو، القاعده نيويارڪ ۾ ڪارروائي ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ افغانس??ان جي اندر صورتحال خراب ٿي، جڏهن افغانس??ان ۾ آمريڪا جي پاليسي ناڪام ٿي ته ان جا نتيجا افعانس??ان ۽ پاڪس??ان ٻئي ڀوڳي رهيا آهن، وفاقي وزير چيو ته 1988ع ۾ جڏهن افغانس??ان ۾ بحران ختم ٿيو ته يو ايس ايس آر ۽ آمريڪا ته ا??ان کان هليا ويا پر سڄو بار پاڪس??ان ۽ افغانس??ان جي ماڻهن کي برداشت ڪرڻو پيو. چوڌري فواد حسين چيو ته اسان افغانس??ان جي ماڻهن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي اڳتي وڌياسين، پاڪس??ان لکين افغان پناهگيرن جي مي??باني ڪئي، پاڪس??ان جي يونيورسٽين ۾ 6 هزار جي لڳ ڀڳ افغان شاگرد تعليم پرائي رهيا آهن، اڄ اهي ٻار پاڻ ٻڌائي رهيا آهن ته پاڪس??ان کين موقعو فراهم ڪيو، هن وقت 30 لک کان وڌيڪ افغان پناهگير پاڪس??ان ۾ موجود آهن، ماضي ۾ اسان تقريبن 50 لک کان وڌيڪ افغان پناهگيرن جي مي??باني ڪئي جيڪو افغانس??ان جي آبادي جو هڪ وڏو حصو آهي، هن چيو ته پاڪس??ان جو فرض هو ته هو ان جنگ ۾ افعان عوام جو ساٿ ڏي ۽ اسان اهو ئي ڪيو، وفاقي وزير چيو ته جيڪڏهن افغانس??ان جون حالتون خراب ٿين ٿيون ته ان سان پناهگيرن جو هڪ ٻيو بحران پيدا ٿيندو، هن چيو ته ميڊيا جي ذريعي افغانس??ان ۽ پاڪس??ان جا ماڻهو پنهنجو موقف پيش ڪري سگهن ٿا ۽ ان جي ذريعي امن قائم ڪرڻ جي مقصد کي اڳتي وڌائي سگهجي ٿو. اسان افغانس??ان ۾ امن چاهيون ٿيو ان بابت اسان جو موقف واضح آهي، وفاقي وزير چيو ته مستحڪم افغانس??ان وسيلي پوري خطي کي وچ ايشيا ۽ يورپ سان ملائڻ وزيراعظم عمران جو ويزن آهي، اسان چاهيون ٿا ته افعانس??ان ۾ اس??حڪ??م اچي جنهن جي نتيجي ۾ اسان گوادر کان وٺي ازبڪس??ان تائين ريلوي ٽريڪ وڇائي سگهو ان سان وچ ايشيا کي گوادر ۽ ڪراچي جي بندرگاهن ۽ وچ ايشيا جي مارڪيٽن تائين پهچ حاصل ٿيندي، يورپي يونين ۽ سي پيڪ کي پاڻ ۾ ڳنڍي سگهبو جنهن جي نتيجي ۾ پاڪس??ان هن خطي جو اقتصادي مرڪز بڻجي ويندو، هن چيو ته اسان ڀارت سان سٺا لاڳاپا چاهيون ٿا ۽ جيڪڏهن ڀارت سان اسان جا لاڳاپا بهتر ٿين ٿا ته اسان دنيا جي ٻن وڏين معيشتن جي وچ ۾ هونداسين، وفاقي وزير چيو ته افغانس??ان ۾ امن ۽ اس??حڪ??م سان واپار جي لا موقعا پيدا ٿيندا اهو هڪ وڏو ويزن آهي جنهن تي وزيراعظم ڪم ڪري رهيو آهي، وفاقي وزير چيو ته پاڪس??ان ڪڏهن به نٿو چاهي ته افغانس??ان ۾ ويڙهه ٿئي ۽ بي گناهه ماڻهن جو حياتيون وڃن، هن چيو ته وزيراعظم عمران خان جو موقف آهي ته ملڪ ۾ سياسي اس??حڪ??م ۽ امن ٿيندو ته غربت جو به خاتمو ايندو، افغانس??ان ۾ ڪنهن به گروپ وٽ اها صلاحيت موجود نه آهي ته پوري ملڪ تي حڪمراني ڪري سگهي، ان لاءِ افغانس??ان ۾ وڏي پئماني ۽ جامع حڪومت جا خواهشمند آهيون تنهن هوندي به ان جي لاءِ افغان تڪرار جي سمورين ڌرين جي خلوص نيت سان ڪم ڪرڻو پوندو ڇو ته شرطن تي ڳالهين اڳتي نٿيون وڌي سگهن، هن چيو ته آمريڪا ۽ افغان حڪومت سان طالبان جي ڳالهين ۾ پاڪس??ان پنهنجو ڪردار ادا ڪيو تنهن هوندي بها سان جو ڪردار محدود آهي، افغانس??ان جا مسئلا افغانس??ان جي عوام کي پاڻ حل ڪرڻ پوندا، وفاقي وزير فورم جي شرڪت ڪندڙن کي مخطاب ٿيندي چيو ته افغانس??ان ۾ مستحڪم حڪومت جي قيام 7 ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن جي بهتري جي لاءِ پنهنجون تجويزون ۽ راءِ ڏين، هن چيو ته پاڪس??ان سميت دنيا جي ڪنهن به حصي ۾ سئو سيڪڙو ا??فاق راءِ ناهي هوندو، اسان جو مخالف ڌر سان اختلاف آهي پر اسان آئين تي متفق آهيون، پوري سياسي قيادت کي خبر آهي ته ان آئين تحت ئي هلڻو آهي، اهو هڪ اهڙو ماڊل آهي جنهن جي پيروي افغانس??ان ڪري سگهي ٿو پر اتفاق راءِ افغان عوام کي ڪرڻو آهي، چوڌري فواد حسين چيو ته افغانس??ان ۾ اس??حڪ??م بي شمار موقعن جو باعث بڻجي سگهي ٿو ۽ اسان انهي رخ ۾ ڪم ڪري رهيا آهيون، اقتصادي اس??حڪ??م امن کانسواءِ ممڪن نه آهي، ان جي لاءِ جڏهن امن ٿيندو ته ان سان خطي ۾ غربت جي خاتمي ۾ مدد ملندي، وفاقي وزير چيو ته ٻن ڏينهن واري ميڊيا انڪليو ۾ اسان کي ڊراما، فلم ۽ موسيقي جي شعبن ۾ تعاون تي ڳالهه ڪرڻ گهرجي، خوشحال خان خٽڪ پاڪس??ان جو شاعر آهي پر هو افغانس??ان جو قومي شاعر آهي، انهي طرح علامه اقبال کي افغانس??ان جي عوام ۾ تمام گهڻي مقبوليت حاصل آهي، چوڌري فواد حسين چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ آرٽ ۽ ثقافت جي شعبي ۾ مدد فراهم ڪرڻ لاءِ اطلاعات واري وزارت پوري طرح سان تيار آهي، اسان افغانس??ان کي فلم، ڊراما، خاص طور تي پشتو فلمن ۾ گڏيل پروڊڪشن جي مدد فراهم ڪري سگهون ٿا، انهي طرح ٻنهي ملڪن جي نوجوان شاعرن جي شاعري جا ترجما ٿيڻ گهرجن، ان کان اڳ وفاقي وزير ميڊيا ڪانڪليو ۾ شامل افغان وفد جي ميمبرن ۾ سوينئر ۽ تحفا به ورهايا، پاڪ افغان يوٿ فورم جي ڊائريڪٽر جنرل سمان جاويد پاڪ افغان ميڊيا ڪانڪليو ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير جي آجيان ڪئي.