اسلام آباد – 08 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اڄ سومر ڏينهن لاهور ۾ مياواڪي اربن فاريسٽ جو افتتاح ڪندو. 10 ارب سونامي منصوبي تحت مون سون ۾ وڻڪار?? جي لاءِ وزيراعظم دنيا جي سڀ کان وڏي مياواڪي فاريسٽ جو افتتاح ڪرڻ جي لاءِ لاهور جو دورو ڪندو. اهو فاريسٽ 100 ڪينال تي ٺاهيو ويو آه?? جڏهن ته ان ۾ هڪ لک 65 هزار ٻوٽا لڳايا ويندا جيڪي منفرد مياواڪي ٽيڪنالاجي سان معمول جي وڻن جي مقابلي ۾ 10 ڀيرا جلد وڏا ٿيندڙ ٻوٽا آه??. شهري ٻيلا تيزي سان پوکڻ جي لاءِ مخصوص زمين جي تياري سان گڏوگڏ مختلف قسمن کي مختلف واڌويجهه جي شرح سان استعمال ۾ آندو پيو وڃي. لاهور جي مختلف حصن ۾ مياواڪي جي 53 ٻيلن جي نشاندهي مختلف جاين تي ڪئي وئي آه?? جنهن سان ڪاربن ۾ گهٽتائي سان گڏوگڏ شهري آلودگي ۾ گهٽتائي آڻي سگهبي. وزيراعظم عمران خان لاهور جي آلودگي کان پاڪ ۽ باغن جي شهر جي تجديد ۽ بحال?? جي لاءِ پرعزم آه??. موجوده مون سون دوران سڄي ملڪ ۾ 50 ڪروڙ ٻوٽا لڳايا پيا وڃن جيڪا پاڪستان جي تاريخ ۾ سڀ کان وڏي وڻڪاري آه??.