اسلام آب??د – 12 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين پاڪستان فلم انڊسٽري جي مشهور اداڪاره دردانه بٽ جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ هن چيو ته دردانه بٽ ا??ڙي شاندار صلاحيتن واري فنڪار هئي جنهن کان ٻيا ??داڪار به سکندا هئا. پنهنجي پرڪشش شخصيت کانسواءِ هن پنهنجي فنڪاراڻي قابليت سان عوام کان بي پن??هه محبت ۽ داد وصول ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته سندس لاڏاڻو شوبز انڊسٽري لاءِ هڪ وڏو نقصان آهي، هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحومه جا درجا بلند فرما??ي ۽ پوئينرن کي صبر جميل عطا فرمائي.