اسلام آباد -15 سيپٽمبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، خصوصي قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر چ??و آهي ته پاڪستان ۾ جمهوري ادارن جي بهتري لاءِ قدم کڻڻا پوندا. جمهوري ادارن جي استحڪام لاءِ وڌيڪ بهتري جي گنجائش موجود آهي. دنيا ۾ جمهوريت کي چئلينجن جو منهن ??سڻو پئجي ره??و آهي. ڪنهن سوچيو به نه هو ته ڪيپيٽل هل تي حملو ٿيندو. اها ڳالهه گذريل ڏينهن يوم جمهوريت جي عالمي موقعي تي رٿيل تقريب کي خطاب ڪندي چئي. هن ??يو ته 20 سالن کان دنيا ۾ جمهوريت جي ارتقا ڏٺي وئي آهي ته هو انتهاپسندي ۽ عدم برداشت ۾ واڌ ٿي آهي. اهڙا ملڪ جتي جمهوريت قائم آهي اتي اسان کي اهڙا منظر ۽ ڇڪتاڻ ڏسڻ ۾ ملي آهي جنهن جي باري ۾ اڳ ڪڏهن سوچيو به نه هو. هن ??يو ته جمهوريت جي مضبوطي لاءِ احتساب جو هڪ اهڙو نظام هئڻ گهرجي جو جيڪڏهن ??و غلطي ڪري ته ان کي ڪٽهڙي ۾ آڻي سزا ڏئي سگهجي. آزاد ميڊيا کان سواءِ جمهوريت مڪمل نه ??ون??ي آهي. هن ??يو ته 2007ع ۾ عدليا جي حوالي سان مهم هلي ته ان وقت اسان به روڊن تي نڪتا هئاسين ۽ آزاد عدليه کان سواءِ جمهوريت جو تصور ئي ناهي. هن ??يو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي دور ۾ ملڪ اندر جمهوريت مضبوط ٿي آهي ان ۾ بهتري جي گنجائش موجود آهي. ملڪ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو 2013ع ۾ پرامن طريقي سان اقتدار منتقل ٿيو جمهوري دور مسلسل 13 سالن کان هلي ره??و آهي. هن ??يو ته هن وقت ڪوڙين خبرن جي پکيڙ ۾ واڌ ٿي آهي، ان حقيقت کان ڪير به انڪار نٿو ڪري سگهي ته ڄاڻايل ميڊيا ڊولپمينٽ اٿارٽي تي سمورين واڳيل ڌرين کي ملي ڳالهائڻ گهرجي. جمهوريت ان وقت مضبوط ٿيندي آهي جڏهن عوام کي محسوس ٿئي ته جيڪڏهن جمهوري نظام نه ??ون??و ته منهنجي زندگي ۾ ابتري پيدا ٿيندي بهتري نه ايندي. ماڻهن ??ي ايئن ئي محسوس هئڻ گهرجي ته کين ترقي جي سفر ۾ جائز حص?? ملي ره??و آهي. وزيراعظم جي بنيادي پيغامن ۾ هڪ اهو به پيغام آهي ته سڀ کان ڪمزور طبقي ۽ پٺتي پيل علائقن ۾ ترجيحي بنيادن تي وسيلا مهيا ڪيا وڃن. احساس پروگرام تحت انهن طبقن کي سهولتون فراهم ڪيون. بلوچستان، اندروني سنڌ، گلگت بلتستان جي پٺتي پيل علائقن لاءِ پئڪيج ڏنا، ڪراچي لاءِ 2 کرب جا 4 پئڪيج ڏنا، بلوچستان لاءِ تاريخ م سڀ کان وڏو ترقياتي پئڪيج ڏنو جو اتي جون مخالف جماعتون پاڻ چئي رهيون آهن ته اڄ کان اڳ ايترو وڏو ترقياتي پئڪيج بلوچستان کي ڪنهن به نه ڏنو.