اسلام آباد – 06 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته مولان?? فضل الرحمان بي وقت جو راڳ آلاپي رهيو آهي ۽ ٻڌڻ وارو ڪير نه آهي، مارچ ۽ احتجاج ڪ??ڻ اپوزيشن جو حق آهي پر مولان?? فضل الرحمان جي ڪوشش آهي ته موجوده سسٽم ختم ٿئي ۽ ان جي جڳهه ٻيهر ٺهي، مولانا حوصلو رکي ۽ پن??نج?? آسپاس ڏسي، ان سان گڏ ڪير نه آهي هو اڪيلو بيٺل آهي، 23 مارچ به اچي ويندو، مولان?? فضل الرحمان اڳ ۾ به ڪيترائي ڀيرا تاريخون ۽ حڪمت عملي بدلائي چڪو آهي. مولان?? فضل الرحمان جي پريس ڪانفرنس تي ردعمل جو اظهار ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پي ڊي اي?? 23 مارچ تي اسلام آباد طرف مارچ ڪرڻ جو اشارو ڏنو آهي، مولان?? فضل الرحمان اڳ ۾ به ڪيترائي ڀيرا تاريخون ۽ حڪمت عملي بدلائي چڪو آهي، اها تاريخ به حتمي ن?? هوندي. هن چيو ته مارچ ۽ اهتجاج ڪ??ڻ اپوزيشن جو حق آهي، وزيراعظم عمران خان جو به چوڻ آهي ته اپوزيشن جو ڪم تنقيد ڪرڻ آهي. هن چيو ته مولان?? فضل الرحمان جي ڪوشش رهي آهي ته هي سسٽم ختم ٿئي جيئن ته هو هن سسٽم جو حصو نه آهي، نواز شريف ۽ مريم نواز ان لاءِ مولان?? فضل الرحمان سان گڏ نظر اچن ٿا ڇو ته اهي سسٽم جو حصو نه آهن. هن چيو ته جيڪي ماڻهو سسٽم ۾ آهن اهي اهڙي حڪمت عملي کي سپورٽ نه ٿا ڪن، اڄ جي اجلاس ۾ به پارليامينٽ جي اندر موجود پارٽين ۽ شخصيتن جو موقف پارليامينٽ کان ٻاهر رهندڙن کان مختلف هو، مولان?? فضل الرحمان جون ڳالهيون ٽائين ٽائين فش هونديون، پي ڊي اي?? پن??نج?? طبعي عمر پوري ڪري چڪي آهي. هن چيو ته پنجاب ۾ مقامي حڪومتن جون چونڊون ٿيڻ واريون آهن، خيبرپختونخواهه ۾ 19 ڊسمبر تي بلدياتي چونڊون ٿي رهيون آهن، ان کانپوءِ اي??دڙ سال اسان پن??نج?? آخري بجيٽ پيش ڪنداسين ۽ ان کانپوءِ ملڪ ۾ عام چونڊون ٿيڻيون آهن. چوڌري فواد حسين چيو ته بي وقت جو راڳ مولان?? فضل الرحمان اڪيلي ڳائي رهيو آهي ۽ ٻڌڻ وارو ڪير نه آهي، مولان?? فضل الرحمان حوصلو رکي ۽ پن??نج?? آسپاس ڏسي، توهان سان گڏ ڪير به نه آهي، توهان اڪيلا بيٺل آهيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اميد آهي پي ڊي اي?? ۾ شامل پارٽيون مولان?? فضل الرحمان جي سيالڪوٽ سانحي جي حوالي سان غيرذميواراڻي بيان تي کانئس پڇاڻو ڪنديون، مولان?? فضل الرحمان غيرذميواري جو ثبوت ڏيندي ان افسوسناڪ واقعي کي تحفظ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. چوڌري فواد حسين چيو ته 23 مارچ پاڪستان جي قوم جي لاءِ اهم ڏينهن آهي، اهو قومن کي هڪ ٻئي کان جدا ڪرڻ جو ڏينهن نه آهي، قومن کي ڳنڍڻ جو ڏينهن آهي، 23 مارچ جو ڏينهن به اچي ويندو، توهان به هتي آهيو، اسان به هتي آهيون، ڏسي وٺنداسين.