اسلام آباد – 17 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ريگوليٽري اٿارٽين جي موثر ڪردار تي زور ڏيندي هدايت ڪئي آهي ته مافياز جي ڳٺ جوڙ تي نظر رکي، لاڳاپيل شعبن ۾ خدمتن ۽ معيار کي بهتر بڻايو وڃي. وزيراعظم ميڊيا آفيس مان جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان ريگوليٽري اٿارٽين جي سربراهن جي اجلا?? جي صدارت ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته عوام جي حقن جي تحفظ لاءِ ريگوليٽرز جو اهم ڪردار آهي. ريگوليٽرز موثر مانيٽرنگ، قانوني ۽ ريگوليٽري ضرور??ن کي نظر ۾ رکندي عوامي مفادن جو تحفظ يقيني بڻائين. وزيراعظم مافياز جي ڳٺ جوڙ تي نظر رکڻ لاءِ ريگوليٽري اٿارٽين جي موثر ڪردار جي ضرورت تي زور ڏنو. هن سمورن ريگوليٽرز کي هدايت ڪئي ته هو پنهنجي لاڳاپيل شعبي ۾ شفافيت ۽ معياري خدم??ن کي يقيني بڻائين. ريگوليٽري اٿارٽين جي سربراهن وزيراعظم کي خاطري ڪرائي ته هو پنهنجي لاڳاپيل اٿارٽين جي صلاحيت ۾ اضافو ڪن ته جيئن شهرين کي بهتر خدمتن جي فراهمي يقيني بڻائي سگهجي.