اسلام آباد – 06 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چار لائينن وار?? هاءِ وي جي تعميري لاڳت مسلم ليگ (ن)) جي حڪومتي دور جي 411 ملين روپيا في ڪلوميٽر جي مقابلي ۾ گهٽ ڪري 172 ملين روپيا في ڪلو ميٽر ڪرڻ ۽ روينيو وصولي ۾ 125 سيڪڙو کان وڌيڪ اضافي تي مواصلات و??ري وزارت ۽ اين ايڇ اي کي م??ارڪباد ڏني آهي. وزيراعظم عمران خان پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مسلم ليگ (ن) ۽ پنهنجي حڪومتي دور جي ڀيٽ جو چارٽ جاري ڪندي چيو ته مواصلات و??ري وزارت ۽ اين ايڇ اي جي شفافيت ۽ ڊجيٽلائيزيشن جي ڪري چار لائين وار?? هاءِ وي جي لاڳت تي قومي خزاني کي م??لم ليگ ن جي حڪومتي دور جي مقابلي ۾ وڏي بچت ٿي آهي، ان کانسواءِ گذريل دور جي مقابلي ۾ ساڍا ٽن سال جي دوران روينيو وصولي ۾ 125 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي جيڪو 81.78 ارب روپين کان وڌي 184.14 روپيا ٿي ويو آهي، ان کانسواءِ 5.18 ارب روپين جي م??ليت جي زمين قبضن کان آجي ڪئي وئي آهي، هن چيو ته اها ڪاميابي ناڻي واڌ ۾ اضافي ۽ عالمي سطح تي قيمتن ۾ اضافي جي باوجود حاصل ٿي آهي، هن ٻڌ??يو ته پي ٽي آءِ جي دور ۾ چار لائين وار?? هاءِ وي جي تعميري لاڳت 17 ڪروڙ 20 لک روپيا في ڪلوميٽر ٿي وئي آهي جيڪا مسلم ليگ (ن) جي 2013ع کان 2018ع جي حڪومتي دور ۾ 41 ڪروڙ 10 لک روپيا في ڪلوميٽر يعني 138 سيڪڙو کان وڌيڪ هئي. هن ٻڌ??يو ته چار لائينن واري موٽر وي تي م??لم ليگ ن جي دور ۾ لاڳت 60 ڪروڙ 60 لک روپيا هئي ۽ پي ٽي آءِ جي دور ۾ اها لاڳت 53 سيڪڙو گهٽ ??ي 38 ڪروڙ 50 لک روپيا ٿي وئي. هن ٻڌ??يو ته مسلم ليگ ن جي دور ۾ روڊ جي بحالي تي 8 ڪروڙ هڪ لک روپيا في ڪلوميٽر لاڳت آئي جڏهن ته پي ٽي آءِ جي دور ۾ اها لاڳت گهٽجي 5 ڪروڙ 30 لک روپيا رهجي وئي. هن ٻڌ??يو ته مسلم ليگ ن جي دور ۾ پهرين ساڍا ٽن سالن ۾ روينيو وصولي 8 ڪروڙ 17 لک روپين کان وڌيڪ جڏهن ته پي ٽي آءِ جي انهي عرصي ۾ اها وصولي 18 ڪروڙ 41 لک روپين کان ٽپي وئي آهي جيڪو 125 سيڪڙو اضافو آهي.