اسلام آباد – 06 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي عمان جي سيڙپڪارن تي زور ڏنو آهي ته عماني واپاري پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪن ۽ پاڪستان جي آزاد ۽ سيڙپڪاري دوست پاليسين مان فائدو وٺن، پاڪستان جي سازگار ڪاروباري پاليسين سان غير ملڪي سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ چڱو خاصو ا??افو ٿيو، پاڪستان غير ملڪي سيڙپڪاري راغب ڪرڻ لاءِ خصوصي اقتصادي ۽ ٽيڪنالاجي زونز قائم ڪيا آهن، اهڙن خيالن جو ا??هار هن عمان چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي چيئرمين انجنيئر ريڌا جمعه محمد الصالح جي قيادت ۾ واپاري وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. صدر چيو ته حڪومت عماني واپارين کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ ۾ سهولت فراهم ڪندي، واپاري وفد جي دوري سان ٻنهي ملڪن جي ڪاروباري برادرين جي وچ ۾ رابطا وڌيڪ مضبوط ٿيندا. ملاقات ۾ اقتصادي لاڳاپن جي فروغ لاءِ واپاري ماپو وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ويو، ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي چيمبر آف ڪامرس جي وچ ۾ رابطا وڌائڻ تي به اتفاق ڪيو ويو، عماني وفد مختلف شع??ن ۾ ٻط??في تعاون وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي خواهش جو ورجاءُ ڪيو، وفد واپار ۽ سياحت جي شع??ن ۾ ٻط??في تعاون کي فروغ ??يڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ڌرين ڀائر ملڪن کي وڌيڪ ويجهو آڻڻ لاءِ عوامي رابطن کي فروغ ??يڻ تي اتفاق ڪيو.