اسلام آباد-11 جنوري (اي پي پي) گهرو وزارت افغانستان ۾ جاري عالمي غير سرڪاري تنظيمن جي امدادي سرگرمين ۾ سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ هڪ وسيع طريقيڪار متعارف ڪرايو آهي. اها ڳالهه افغان بين الوزارتي ڪوآرڊينيشن سيل جي اجلاس دو??ان شرڪت ڪندڙن کي ٻُڌائي وئي. پي آءِ ڊي طرفان جاري بيان مطابق اجلاس قومي سلامتي جي مشير ڊاڪٽر معيد يوسف جي صدارت ۾ منعقد ٿيو. وزارت جي عهديدارن اجلاس کي آگاهه ڪيو ته نَون قدمن جو بنيادي مقصد مصيبت سٽيل افغانستان ۾ انساني امداد جي ڪوششن ۾ سهولت فراهم ڪرڻ آهي ۽ ان سان نه صرف نين عالمي غير سرڪاري تنظيمن پر اهي جيڪي پهريان کان رجسٽرڊ آهن اهي فا??دو کڻي سگهنديون. رجسٽريشن لاءِ درخواست ڏيندڙ تنظيم کي لاڳاپيل سفارتخاني مان تصديقي خط، پنهنجي ملڪ ۾ رجسٽريشن جو ثبوت ۽ فنڊنگ جي ذريعن سان گڏوگڏ مقامي رهائشي ايڊريس ۽ ان جي نامزد عملي جي تفصيلن بابت آگاهه ڪرڻو پوندو. ڇنڊڇاڻ ڪميٽي ٽن هفتن ۾ ڪاررواين مڪمل ڪندي، اهڙيءَ طرح ويزا جاري ڪرڻ جي عمل کي به آسان ۽ گه?? وقت ۾ ممڪن بنايو ويو آهي. ويزا جي درخواست تي ڪارروائيءَ لاءِ وقت جو مدو گه?? ڪري 10 ڏينهن ڪيو ويو آهي. قومي سلامتي جي مشير نَون قدمن کي ساراهيندي چيو ته ان سان افغانستان ۾ جاري فلاحي ڪمن ۾ مدد ملندي. اجلاس ۾ پرڏيهي وزارت، واپار واري وزارت، منصوبا بندي، ناڻو، ايف بي آر ۽ هائر ايجوڪيشن ڪميشن جي عملدارن شرڪت ڪئي.