اسلام آباد – 09 – جون (اي پي پي) وفاقي بجيٽ 24 – 2023ع ۾ پهريون ڀيرو فلم فنانس فنڊ ۽ فنڪارن جي هيلٿ انشور??س جي لاءِ مجموعي طور تي 3 ارب رپين جا فنڊز رکيا ويا آهن. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته مون کي اهو اعلان ڪندي خوشي ٿي رهي آهي ته پهريون ڀيرو فلم فنانس فنڊ ۽ فنڪارن جي هيلٿ انشور??س جي لاءِ فنڊز رکيا ويا آهن. فلم فنانس فنڊ جي لاءِ 2 ارب رپيا ۽ فنڪارن جي هيلٿ انشور??س جي لاءِ هڪ ارب رپيا رکيا ويا آهن. هن چيو ته مون کي يقين آهي ??ه گڏيل طور تي اهي قدم اسان جي فلم انڊسٽري جي ترقي ۽ فنڪارن جي ڀلائ?? ۾ ??هم ڪردار ادا ڪندا. هن چيو ته اه?? قدم فلمن جي ذريعي پاڪستان جي بيانيي، ورثي ۽ ثقافت جي فروغ سان گڏوگڏ پاڪستان ۾ اسڪرين ٽوئرازم جي ترق?? ۾ ??هم ڪردار ادا ڪندو.