اسلام آباد -13 جون (اي پي پي) غربت جي خ??تمي ۽ سماجي تحفظ بابت وفاقي وزير شازيه عطا مري چيو آهي، ته سامونڊي طوفان کي نظر ۾ رکندي سنڌ حڪومت 80 کان هڪ ??ک ماڻهن کي م??فوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪيو آهي. صوبائي حڪومت عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهي آهي، تنهن هوندي به انهن کي پنهنجي تحفظ لاءِ پاڻ به موثر تد??يرون اختيار ڪرڻ گهرجن. قومي اسيمبلي ۾ شازيه عطا مري چيو ته پاڪستان کي سامونڊي طوفان سبب شديد خطرو آهي، اسان ان سوچ ويچار ۾ آهيون ته ڪيئن ماڻهن جي جان ۽ مال جي تحفظ کي يقيني بڻايو وڃي. سنڌ حڪومت ڀرپور قدم کڻي رهي آهي. هن چيو ته سامونڊي طوفان سبب بدين ۽ ٺٽي کي خ??رو آهي، ڪراچي شهر ۾ طوفان جي خ??ري کي نظر ۾ رکندي بل بورڊز هٽائڻ جو ڪم جاري آهي، 14 ۽ 15 جون تي وڏو خطرو کي سامهون هوندو. هن چيو ته ماڻهن کي حڪومتي هدايتن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ گهرجي، سنڌ حڪومت 80 کان هڪ ??ک ماڻهن کي م??فوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪيو آهي، عوام کي پنهنجي جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ پاڻ به حفاظتي تد??يرون اختيار ڪرڻ گهرجن. هن چيو ته سامونڊي طوفان سان بلوچستان کي به خطرو آهي، اسپيڪر کي به ماڻهن کي حڪومتي هدايتن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ جي تلقين ڪري.