اسلام آباد – 21 – جون (اي پي پي) گڏيل قومن جي پناهگيرن جي اداري (يو اين ايڇ سي آر) ۽ پ??ڪس??ان حڪومت پناهگيرن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي سڄي دنيا ۾ تڪرارن ۽ ظلم ۽ ڏاڍ جي ڪري بي گهر ٿيندڙ ماڻهن جي حوصلي کي خراج تحسين پيش ڪيو. ايشيا ۽ بحرالڪاهل جي خطي ۾ پناهگيرن جو انگ 2021ع ۾ 4.2 ملين مان وڌي 2022ع جي آخر تائين 6.8 ملين تائي?? پهچي ويو. خطي جا 90 سيڪڙو کان وڌيڪ پناهگير رڳو ٽن ملڪن ايران، پ??ڪس??ان ۽ بنگلاديش ۾ رهيل آهن. اسلام آباد ۾ سرڪاري عملدارن، سفارتي مشنز جي سربراهن، اين جي اوز ۽ گڏيل قومن جي ايجنسين، حصيدارن ۽ پناهگيرن عالمي پناهگيرن جي ڏهاڙي جي موقعي تي اسلام آباد ۾ منعقد تقريب ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر خاص مهمان هئي. افغان پناهگيرن بابت چيف ڪمشنر عباس خان پڻ ان موقعي تي موجود هو. ان موقعي تي خطاب ڪندي پ??ڪس??ان ۾ يو اين ايڇ سي آر جي نمائنده نوريڪو يوشيدا پناهگيرن کي تحفظ فراهم ڪرڻ سان گڏوگڏ انهن کي تعليم ۽ صحت تائي?? پهچ فراهم ڪندڙ ميزبان ڪميونٽيز جي فراخدلي کي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو. هن چيو ته ??سان اميد ڪريون ٿا ته پ??ڪس??ان ملڪ ۾ پناهگيرن جي لاءِ پنهنجي سخاوت ۽ مهمان نوازي جو مظاهرو ڪندو رهندو. پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر سڄي دنيا ۾ بي گهر ٿيندڙن جي وڌندڙ انگ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته ??المي سطح تي بي گهر ٿيندڙن جو وڌندڙ انگ پ??ڪس??ان تي منفي اثر وجهي رهيو آهي جيڪو دنيا جي سڀ کان وڏي ڊگهي عرصي کان پناهگيرن جي ميزباني ڪري رهيو آهي. هن چيو ته مالي چئلينجن جي باوجود اسان افغان ۽ ٻين پناهگيرن جي لاءِ پنهنجا دروازا کوليا آهن جڏهن ته ??المي برادري کي ذميواري جي حصيدار طور تي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ اڳتي اچڻ گهرجي. هن چيو ته ??فغانين جي حفاظت ۽ وقار سان رضاڪاراڻي واپسي پ??ڪس??ان جي لاءِ ترجيحي حل آهي، افغانستان ۾ واپس ايندڙ خاندانن کي مسلسل مدد فراهم ڪرڻ گهرجي ته ??يئن واپسي پائيدار ٿئي. ان موقعي تي افغان پناهگيرن جي چيف ڪمشنر عباس خان ۽ پ??ڪس??ان ۾ گڏيل قومن جي ريزيڊنٽ/ ه??وم??ٽيرين ڪوآرڊينيٽر جولين هارنيس پڻ خطاب ڪيو. تقريب ۾ افغان پناهگيرن جي ٻارن ثقافتي پرفارمنس پيش ڪئي. هڪ آرٽ جي نمائش ۽ پناهگيرن جي هٿن سان ٺهيل شيون پڻ نمائش ۾ پيش ڪيون ويون.