اسلام آباد – 11 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ?? پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چونڊ عمل ۾ عورتن جي فعال ڪردار کي لازمي قرار ڏيندي چيو آهي ته عورتن کي بااختيار ب??ائڻ مقدس فرض آهي، صنفي امتياز جي خاتمي جي شروعات هر گهر کا?? ٿيڻ گهرجي، رڳو قانون ٺهڻ سان صنفي امتياز جو خاتمو ممڪن نه آهي، عورتن کي برابر حق ڏيڻ جي لاءِ اسان کي پنهنجي سوچ بدلائڻي پوندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سائوٿ ايشيا پارٽنرشپ پاڪستان ۽ عورت فائونڊيشن جي اهتمام هيٺ سياست ۾ عورتن جي شموليت جي عنوان سان ٿيندڙ پاليسي فورم کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات ?? پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته عورتون اسان جي آبادي جو اڌ حصو آهن ۽ انهن کي بااختيار ب??ائڻ اسان جو مقدس فرض آهي. هن چيو ته مسلمان دنيا ۾ پهرين عورت وزيراعظم پاڪستان مان ٿي. هن چيو ته هر گهر ۾ پٽن ۽ ڌيئرن کي برابر حق ملڻ گهرجن. رڳو قانون ٺهڻ سان صنفي امتياز جو خاتمو ممڪن نه آهي. هن چيو ته عورتون برابر جون شهري آهن انهن جا حق مردن جي برابر آهن. هڪ ماءُ کي بهادري سان پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو ته اها پنهنجي ڌيءَ کي به ڪنهن به طور تي اهو تاثر نه ڏي ته هو پنهنجي ڀاءُ کا?? ڪنهن به طرح گهٽ آهي. چونڊ عمل ۾ عورتن جي شموليت کي لازمي قرار ڏيندي هن چيو ته اليڪشن ڪميشن 16 ڊسمبر کا?? اڳ ڪنهن به اليڪشن شيڊيول جو اعلان ڪري ڇڏيندي. چونڊون 8 فيبروري تي ئي ٿينديون، ان ۾ ڪنهن کي ڪو شڪ نه هجڻ گهرجي. هن چيو ته عورتن جي حقن جي لاءِ ڪم ڪندڙ تنظيمون حڪومت کي پنهنجون تجويزون ڏين. عورتن کي بااختيار ب??ائڻ ۽ انهن جي حقن لاءِ جيڪو به ممڪن هوندو حڪومت قدم کڻندي.