اسلام آباد – 03 نومبر (اي پي پي) منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته حڪومت عام ماڻهو تي اضافي بار وجهڻ کانسواءِ ڪوويڊ – 19 جي ٻي لهر د??ران سمارٽ لاڪ ڊائون جي پاليسي جاري رکندي. وزيراعظم سان گڏ پاور رليف پئڪيج بابت بريفنگ دوران هن چيو ته حڪومت ڪورونا وبا جي ٻي لهر د??ران اهڙي طرح اسٽريٽجي اختيار ڪئي ويندي جيئن اڳ ۾ اختيار ڪئي وئي هئي.