GAMES Catalog
10 Mahjong 2 Player 2048 3d Mahjong Addition Adventure Time Alien Alphabet Animal Apple & Onion Arcade Archery Art B& W Mahjong Barbie Base Defense Baseball Basketball Batman Battleship Beat Em Up Ben 10 Bike Bingo Blackjack Board Games Boat Bowling Boxing Breaker Brick Breaker Bubble Shooter Bugs Bunny Bunnicula Car Card Cartoon Cat Chain Reaction Chess Chhota Bheem Christmas Clarence Classic Clicker Color Coloring Comics Connect 3 Connect the Dots Cooperative Cowboy Craig of the Creek Crash & Bernstein Cricket Cross the Road Crossword Darts Dennis & Gnasher Descendants Destruction Dice Digging Disney Division Dog Dominoes Dora Drawing Dress Up Driving Easter Education Environmental Escape Exclusive Fairly OddParents Fighting Filling Find Differences Fishing Flappy Bird Floogals Flying Food Football Freecell Solitaire Frozen Fungies Funny Gambling Gamer's Guide Geography Geometry Girl Golf Golf Solitaire Grabber Mahjong Grizzy & the Lemmings Gumball Gun Halloween Hand Drawn Health Helicopter Henry Danger Hexjong Hidden Object Hockey Holiday Idle Independence Day Inspector Gadget Isometric Jigsaw Puzzles Jumping Kids Kindergarten Klondike Solitaire Knife Throwing Knight LEGO Logic Looney Tunes Loud House Mahjong Mahjong Connect Mahjong Sequence Mahjong Slide Mahjong Solitaire Mao Mao Master Moley Math Maze Maze Attack Memory Merge Mighty MagiSwords Minesweeper Mobile Motorcycle Movie Mr. Bean Multiplication Muppets Music Neon New Years Ninja Nonograms Numbers Parking Path Making Pattern Penn Zero Phonics Physics Pin Pull Pinball Pirate Pixel Platform Plumber Poker Police Pool Powerpuff Girls Preschool Puzzle Pyramid Solitaire Quiz Racing Ragdoll Reading Regular Show Religious Rotate Puzzle RPG Running Rusty Rivets Sandbox Sanjay & Craig Science Scooby Doo Shooting Simulation Skateboard Slicing Slide Puzzles Slots Smurfs Snake Snow Soccer Sofia the First Sokoban Solitaire Sorting Space Spelling Spider Man Spider Solitaire SpongeBob Sports St Patrick's Day Stacking Star Star Wars Steven Universe Stickman Strategy Subtraction Sudoku Survival Swimming Sword Taffy Tangram Tank Tap Teen Titans Go Tennis Tetris Thanksgiving TMNT Tom & Jerry Tower Mahjong Traffic Management Train Transformers Tripeaks Solitaire Triple Mahjong Truck Tycoon Typing Uncle Grandpa UniKitty Valentine's Day Victor & Valentino Viking Wacky Races Water Watermelon We Bare Bears Wizard of Oz Word Word Search Zombie
گیم کی معلومات
نیا بونس سلاٹ گیم بڑا انعام کیسینو خوش قسمت انعام اسپن روزانہ انعام کے ساتھ کھیلیں بڑا خزانہ جیتیں ٹاپ انعام جیک پاٹ مقبول نئے سلاٹ گیم مشہور ایڈونچر گیم مفت سلاٹ کا تجربہ سلاٹ گیمز مفت سلاٹ مشین آن لائن جوا کیسینو کھیل بہترین سلاٹ گیمز جیک پاٹ جیتیں گیمز ڈاؤن لوڈ کریں موبائل کیسینو گیمز نئی سلاٹ مشین انعامات کے ساتھ کھیلیں سمندری ڈاکو خزانہ گیم

9 مئي سانحي جا پڪا ثبوت سامهون اچي چڪا آهن، 9 مئي جي ڪيسن جو فيصلو جلد ٻڌايو وڃي: عطا الله تارڙ

image

لاهور-16 نومبر (اي پي پي) سڌ سماءَ، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطا الله تارڙ چيو آهي ته 9 مئي سانحي جا پڪا ثبوت سامهون اچي چڪا آهن، پي ٽي آءِ جو باني چيئرمين چوندو رهيو آهي ته 9 مئي جي واقعن ۾ سندس ماڻهو ملوث نه هئا، جيڪڏهن ملوث آهن ته ثبوت ڏيکاريا وڃن، سمورا ثبوت قوم آڏو پيش ڪري ڇڏيا آهن، 9 مئي جي ڪيسن جو جلد کان جلد فيصلو ٻڌايو وڃي، تحريڪ انتشار جا ماڻهو پي ٽي آءِ جي باني چيئرمين سميت قوم کان معافي گهرن. 9 مئي سانحي ۽ سي سي ٽي وي ثبوتن بابت ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته 9 مئي جي حملن جي حوالي سان پڪا ثبوت موجود آهن، 9 مئي جي سانحي جي حوالي سان تمام گهڻيون ڳالهيون ڪيون ويون ته ڪٿي آهن سي سي ٽي وي فوٽيج؟ ڪٿي آهن ثبوت؟ تحريڪ انتشار جا ماڻهو ۽ پي ٽي آءِ باني رٽ لڳائيندا رهيا ته اهي اسان جا ماڻهو نه هئا، وفاقي وزير چيو ته تحريڪ انتشار منظم سازش ذريعي 9 مئي جا حملا ڪيا ۽ انهن حملن ۾ سندن مک اڳواڻ ملوث هئا، جيڪي شرافت جي دعويٰ ڪري رهيا آهن ته اسان جا ماڻهو نه هئا ته پوءِ ڇا ياسمين راشد، شهريار آفريدي، عثمان ڊار ۽ مراد سعيد انهن جي پارٽي جا ميمبر نه هئا جيڪي آڊيو، وڊيو ۽ سي سي ٽي وي فوٽيج ۾ پاڻ ڀڃ ڊاهه جا حڪم جاري ڪندي ڏسي سگهجن ٿا. هن چيو ته مراد سعيد باقاعده هڪ وڊيو پيغام ۾ چيو ته سڀ ماڻهو پنهنجي پنهنجي هدفن تي پهچن، سمورا ثبوت سامهون آهن، وڊيوز ۽ آڊيوز موجود آهن، جوابدارن جي سڃاڻپ ڪري سگهجي ٿي، شهريار آفريدي کي ٻڌي سگهجي ٿو ته هو چئي رهيو آهي ته جي ايڇ ڪيو وينداسين، ياسمين راشد گاڏي جي ڇت تي چڙهي چئي رهي آهي ته پوري جٿي کي وٺي ڪور ڪمانڊر هائوس وڃي رهيا آهيون. عثمان ڊار جناح هائوس جو ذڪر ڪري رهيو آهي. وفاقي وزير عطا الله تارڙ چيو ته پارٽي اڳواڻن جي هدايت تي فوجي ۽ دفاعي ٺڪاڻن تي حملا ڪيا ويا ۽ شهيدن جي يادگارن جي ڀڃ ڊاهه ۽ بي حرمتي ڪئي وئي، اهو سڀ ڪجهه پي ٽي آءِ سياسي بيانيو مضبوط بڻائڻ لاءِ ڪيو، اسان پهرين به چيو هو ۽ اڄ به چئون ٿا ته پاڪستان آهي ته سياسي پارٽيون آهن، وزارتون به آهن، ڪو سمجهي ٿو ته فلاڻو ناهي ته پاڪستاني ناهي ته اها سندن ڀُل آهي، پاڪستان قائم آهي ۽ هميشه قائم رهندو. وفاقي وزير چيو ته پي ٽي آءِ جو باني چيئرمين چوندو هو ته 9 مئي جا واقعا ٿيڻ کان روڪيو ڇو نه ويو؟ ته انهن جي فوٽيجز ۾ پڪا ثبوت پيش ڪري رهيا آهيون، پوليس پرامن طور سمورن فسادين کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، پي ٽي آءِ باني چاهيو ٿي ته لاش ڪرن پر پوليس سندس اهو منصوبو ناڪام بڻايو، انهن ماڻهن کي ڀڃ ڊاهه کان روڪيندي آءِ جي اسلام آباد علي ناصر رضوي جي هڪ اک ضايع ٿي، ڪيترائي پوليس جا جوان شديد زخمي ٿيا، پوءِ به چون ٿا ته کين روڪيو ڇو نه ويو، هن چيو ته پي ٽي آءِ وارا ٻڌائين ته ملڪ کي تباهه ڪرڻ لاءِ بار بار ڪوششون ڪنهن ڪيون؟ ملڪ کي ڊفالٽ ڪرائڻ لاءِ آءِ ايم ايف کي خط ڪنهن لکيا؟ طالبان کي پاڪستان ۾ واپس ڪنهن آندو؟ 9 مئي جا واقعا ڪنهن ڪرايا؟ ايئن ته 77 سالن ۾ ملڪ جو دشمن نه ڪري سگهيو جيڪو پي ٽي آءِ جي اڳواڻن ڪيو. هن چيو ته پي ٽي آءِ جي باني ۽ سندس ساٿين پنهنجي انا جي تسڪين لاءِ ملڪ خلاف قدم کنيا. راولپنڊي، گجرانوالا، لاهور، مردان، ميانوالي، پشاور جا فوٽيجز موجود آهن، فيصلو قوم ڪندي ته ڇا انهن ۾ ڪهڙا ماڻهو شامل آهن جيڪي ملڪ کي تباهه ڪري رهيا آهن، هن چيو ته اهي وڊيوز پهرين ڪڏهن سامهون نه آنديون ويون، اڄ قوم آڏو اهي ثبوت آڻي رهيا آهيون جيڪي ان کان اڳ ڪڏهن به سامهون نه آندا ويا، قوم ڏسي ته 9 مئي تي پي ٽي آءِ اهو ڪجهه ڪيو جيڪو اڄ پاڪستان خلاف خوارج ڪري رهيا آهن، پي ٽي آءِ جي باني چيئرمين هر قدم پاڪستان خلاف کنيو، ان منصوبو هو ته ڪهڙي طرح لاش ڪرن. هن تشدد جو رستو اختيار ڪيو. ان موقعي تي شهريار آفريدي، مراد سعيد، ياسمين راشد، عثمان ڊار، ڪنول شوذب جا آڊيو پيغام به جاري ڪيا ويا جن ۾ هو 9 مئي جي واقعن ۾ حڪم ۽ هدايتون جاري ڪري رهيا آهن. ان کانسواءِ محمود مولوي، عمران اسماعيل، حاشر خان، عباد فاروق، علي رضا، ارزم جنيد، جان محمد، محمد ساجد جا آڊيو به جاري ڪيا جن ۾ اهي پارٽي ڇڏڻ جا سبب بيان ڪري رهيا آهن ۽ چئي رهيا آهن ته 9 مئي جي واقعن جي منصوبابندي زمان پارڪ ۾ ڪئي وئي، سڌ سماءَ واري وفاقي وزير سمورا ثبوت واضح طور قوم آڏو رکيا ويا آهن، هاڻي 9 مئي جي ڪيسن جو فوري فيصلو ٿيڻ گهرجي، التوا هيٺ جڊيشل ڪيسن جو به فوري فيصلو اچڻ گهرجي. 9 مئي جا جوابدار جيڪي دشمن جي ايجنڊا کي کڻي هليا ويا آهن، کي منطقي انجام تائين پهچائڻ گهرجي. هن چيو ته تحريڪ انصاف پاڪستان جو سڄي دنيا ۾ نالو خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ دشمن جو خواب پورو ڪيو. وفاقي وزير عطا الله تارڙ چيو ته سي سي ٽي وي فوٽيج ۽ سمورو رڪارڊ محفوظ آهي، ان کي نه ته بدلائي سگهجي ٿو نه ئي ٽيمپرڊ ڪري سگهجي ٿو، انهن ماڻهون جون حرڪتون سڀني ماڻهن آڏو آهن. انهن قومي سلامتي کي نقصان پهچائڻ جي پوري ڪوشش ڪئي، اهي سمورا ثبوت قوم آڏو اچي چڪا آهن، اهي اڄ به انهي مائينڊسيٽ تي عمل ڪري رهيا آهن، اهي اڄ پرڏيهي مداخلت جي گهر ڪن ٿا، 9 مئي جا التوا هيٺ ڪيسز جلد کان جلد منطقي انجام تائين پهچائڻ گهرجن ۽ تحريڪ انتشار جا سمورا اڳوان پي ٽي آءِ جي باني چيئرمين سميت قوم کان معافي وٺن ۽ ڪيسن کي منهن ڏين.

مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ جیتنے کے نمبر
متعلقہ مضامین
مزید خبریں