اسلام آباد – 25 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته نجي ٽي وي جي ڪئميرامي?? فياض علي جي لاڏاڻي تي انتهائي ڏک ۽ افسوس ٿيو، مرحوم جي گهروارن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون، وزيراعظم جي هدايت تي سندس گهرڀاتين سان تعزيت ۽ انهن جي دادرسي جي لاءِ هتي آئي آهيان، ميڊيا هڪ اه??و طبقو آهي جيڪو سڀني جي خبر رکي ٿو پر ان جي خبر ائين نه ٿي ورتي وڃي جيئن وٺڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نجي ٽي وي چينل جي مارجي ويل ڪئميرامي?? فياض جي گهرڀاتين سان تعزيت جي لاءِ سندس رهائشگاهه اچڻ ۽ گهرڀاتين سان ملاقا?? کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو.