اسلام آباد – 21 جون (اي پي پي) منصوبابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته ڪورونا ??با جو ڦهلاءُ رو??ڻ جي لاءِ ايس او پيز تي عملدرآمد ضروري آهي، اسلام آباد ۾ 189 آڪسيجن بيڊز فراهم ڪيا پيا وڃن، هاٽ اسپاٽ وارن علائقن ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون سان ??با جو ڦهلاءُ رو??ڻ ۾ مدد ملندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پمز ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته جولاءِ جي آخر تائين 2100 کان وڌيڪ آڪسيجن بيڊز جو اضافو ڪنداسين، 20 وڏن شهرن ۾ هاٽ اسپاٽ جي نشاندهي ڪئي وئي. اسد عمر چيو ته پولي ڪلينڪ، پمز ۽ سي ڊي اي اسپتال کي آڪسيجن بيڊز ڏنا ويندا، هاٽ اسپاٽس ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون سان ??با جو ڦهلاءُ رو??ي سگهجي ٿو. هن چيو ته هاٽ اسپاٽس جا تفصيل صوبن کا ڏنا ويا آهن. ٽيڪنالاجي جي مدد سان نشاندهي ڪري سگهنداسين ته ڪهڙن علائقن ۾ ??با وڌيڪ آهي. وفاقي وزير اسد عمر چيو ته ملڪ جي 20 وڏن شهرن ۾ 92 هاٽ اسپ??ٽ علائقن ۾ لاڪ ڊائون ڪيو آهي.