اسلام آباد – 28 فيبروري (اي پي ??ي) قوم?? اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف حڪومت ??ي مخالف ڌر پاران ڀرپور تعاون جي آڇ ڪندي چيو آهي ته سڄي دنيا کي مثالي اتحاد ۽ ٻڌي سان متحد پارليامينٽ ۽ متحد پاڪستان جو آواز ويندو، اسان جي هٿياربند فوج دشمن کي سبق سيکارڻ جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿي. پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪن??ي مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف چيو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ اهو وڏو اهم موڙ آهي ۽ ان ج?? اسان کي اجتماعي بصيرت، جرئت ۽ همت ??ان ڪم وٺڻو پوندو، هڪ طرف ڪشمير جي وادي ڪشميرين جي رت سان ڳاڙهي ٿي چڪي آهي، ٻئي طرف هڪ اسان جو دشمن جنهن سان اسان جو واسطو آهي ان وري 1971ع کانپوءِ پاڪستان جي سرحدن جي خلاف ورزي ڪئي جيڪو هڪ سنگين عالمي ڏوهه آه?? ۽ ??ار ڪلوميٽر اندر آيا پوءِ بم ڪيرائي تڪڙ ۾ واپس هليا ويا.