اسلام آباد – 12 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي عالمي برادري کي خبردار ڪيو آهي ته ڀ??رت جي انتهاپسند قيادت پاران والاريل ڪشمير ۾ ممڪن نسل ڪشي کان لاعلمي عالمي امن ۽ استحڪام جي لاءِ سخت خطري جو سبب بڻجندي، پاڪستان ڀارت تي واضح ڪرڻ چاهي ٿو ته مظ??وم ڪشميرين جي نسل ڪشي قطعي طور برداشت نه ڪئي ويندي، پوري پاڪستاني قوم پنهنجي ??شميري ڀينرن ڀائرن سان گڏ بيٺل آهي، اسان ڪنهن به موڙ تي انهن کي اڪيلو نه ڇڏينداسين، ??سان انهن سان گڏ آهيون ۽ سدائين گڏ رهنداسين، ڀارتي حڪمرانن کي چوان ٿو ته اهي هوش کان ڪم وٺن ۽ حالتن کي ايستائين نه پهچائين جتان واپسي ممڪن نه هجي، اسان جي امن جي خواهش کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي. هن اهڙن خيالن جو اظهار پارليامينٽ جي ??ڏيل اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو.