اسلام آباد – 19 نومبر (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا وائرس جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن. اين سي او سي پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي 2 هزار 547 مريضن جا ٽيسٽ مثبت آيا ۽ 18 ماڻهو ان وائرس سبب فوت ٿيا. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪووڊ – 19 جا 36 هزار 899 ٽيسٽ ڪيا ويا، جنهن مان سنڌ ۾ 11 هزار 690، پنجاب ۾ 13 هزار 754، خيبرپختونخوا ۾ 3 هزار 25، اسلام آباد ۾ 6 هزار 132، بلو??ست??ن ۾ 841 ، گلگت بلتستان ۾ 240، آزاد ڪشمير ۾ 947 ٽيسٽ شامل آ??ن. ??ن وق?? تائين سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو تعداد 3 لک 26 هزار 674 ٿي چڪو آهي، آزاد ڪشمير ۽ بلو??ست??ن ۾ ڪووڊ 19 جو ڪو به مريض هن وق?? وينٽيلٽرز تي نه آهي، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 جي لاءِ مختص ڪيل هڪ هزار 806 وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جا 234 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب متاثر ماڻهن جو تعداد 3 لک 65 هزار 927 آهي.