ڪلرسيدان – 10 فيبروري (اي ??ي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آه?? ته مستحق ۽ ڪمزور طبقن کي مالي مدد جي فراهمي حڪومت جي ذميداري آه??، اهو ڪو احسان نه آه??، مستحق ماڻهن کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ ۽ ننڍي ڪاروبار لاءِ مدد ڪنداسين، مستحق ماڻهن تائين انهن جو حق پهچائڻ جي لاءِ شفاف طريقيڪار اختيار ڪيو ويو، غير مستحق ماڻهن کي احساس پروگرام جي فهرست مان ڪڍيو ويو آه??، مفت علاج جي لاءِ ڪمزور طبقن کي هيلٿ ڪارڊ جي سهولت به فراهم ڪري رهيا آه??ون، نيا پاڪستان هائوسنگ اسڪيم تي ڪم جاري آه??، اين جي او سان گڏجي مستحق ماڻهن کي ڇت فراهم ڪئي ويندي، احساس ڪفالت پروگرام جي ٻي مرحلي ۾ 70 لک مستحق خاندانن ۾ منصفاڻي طريقي سان رقم ورهائي ويندي. هن اهڙن خيان جو اظهار ڪلرسيدان ۾ احساس ڪفالت پروگرام جي ٻي مرحلي جي آغاز جي موقعي تي مستحق ماڻهن سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم جي سماجي تحفظ ۽ غربت جي خاتمي واري خصوصي صلاحڪار ڊاڪٽر ثانيه نشتر به موجود هئي. وزيراعظم عمران خان چيو ته احساس پروگرام تحت مالي مدد جي مع??شري جي انهن ڪمزور ۽ مستحق ماڻهن کي فراهمي حڪومت جو احساس نه پر فرض آه??، جيڪي مشڪلاتن جو شڪار آه??. حڪومت مستحق خاندانن کي هيلٿ ڪارڊ به فراهم ڪندي جنهن تحت اهي ڪنهن به اسپتال مان ساڍا ست لک روپين تائين جو علاج ڪرائي سگهندا. وزيراعظم چيو ته احساس ڪفالت پروگرام تحت مستحق ماڻهن کي مالي مدد جي فراهمي جاري رهندي، ان کانسواءِ اخوت اين جي او سان گڏجي مع??شري جي ڪمزور ترين طبقن جي لاءِ گهر ٺا??يا پيا وڃن، نيا پاڪستان هائوسنگ اسڪيم تي به ڪم جاري آه?? ۽ اهو انهن مزدورن جي لاءِ آه?? جيڪي گهر خريد ڪرڻ جي سگهه نٿا رکن.