اسلام آباد – 07 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سومر ڏينهن برطانيه جي وزيراعظم بورس جانسن سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، ٻنهي اڳ??اڻن ٻطرفي ۽ گڏيل رابطن، افغان امن عمل، ڪ??وڊ 19 وبا ۽ ماحولياتي تبديلي جي موضوع تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم عمران خان 5 جون تي ماحوليات جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي بورس جانسن جي شاندار وڊيو پيغام تي سندس ٿورو ادا ڪيو، وزيراعظم عمران خان اميد ظاهر ڪئي ته پاڪستان ۽ برطانيه جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري سميت ٻين شعبن ۾ مضبوط حصيداري ترقي ڪندي، ٻنهي اڳ??اڻن اعليٰ سطح جي مٽاسٽا جي اهميت تي اتفاق ڪيو، وزيراعظم عمران خان برطانيه ۾ ڪ??وڊ 19 وبا کي منهن ڏيڻ لاءِ بورس جانسن جي ڪوششن جي واکاڻ ڪئي، هن پاڪستان پاران ڪ??وڊ 19 وبا کي منهن ڏيڻ لاءِ قدمن کان آگاهه ڪيو جنهن ۾ انساني زندگين کي بچائڻ سان گڏوگڏ روزگار ۽ معيشت جي تحفظ جا قدم شامل هئا، هن بورس جانسن کي چيو ??ه هو پاڪستان کي ان وبا جي ڪري ملڪن تي سفري پابندين جي ريڊ لسٽ تي وجهڻ جي فيصلي تي نظرثاني ڪري، افغانستان جي حوالي سان وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستان افغانستان جي قيادت ۾ انهن جي پنهنجي امن ۽ مفاهمت جي عمل جي حمايت ڪري ٿو،