اسلام آباد – 27 جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي هدايت تي ٿر، سن?? ۾ هندو شهري کي هراسان ڪرڻ جي واقعي جي ذميوار شخص عبدالسلام ابو دائود کي سن?? پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ٿر ۾ هندو شهري کي هراسان ڪرڻ جي واقعي جو سخت نوٽيس وٺندي گهرو وزارت جي سيڪريٽري ۽ آءِ جي سن?? کي قانوني ڪارروائي جي هدايت ڪئي هئي. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته اهڙا واقعا ملڪ جي بدنامي جو سبب بڻجي سگ??ن ٿا، اقليتن سان زيادتي اسلام جي روح جي منافي، آئين پاڪستان جي سن??ين خلاف ورزي آهي، هن چيو ته آئين پاڪستان اقليتن جي حقن، مذهبي آزادي جي تح??ظ جي ضمانت ڏئي ٿو، اقليتن کي سمورا حق حاصل آهن، رياست انهن جي تح??ظ لاءِ قدم کڻي رهي آهي، هن چيو ته اهڙن واقعن جي روڪٿام معاشري جي سمورن ماڻهن جي گڏيل ذميداري آهي.