اسلام آباد – 26 آگسٽ (اي پي ??ي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي نئين نسل کي منشيات جي لعنت کان محفوظ رکڻ لاءِ اعليٰ تعليمي ادارن کي منشيات ۽ ت??اڪ کان پاڪ رکڻ جي ضرورت تي زور ڏي??دي چيو آهي ته معذور ماڻهن کي يونيورسٽين ۾ مفت تعليم ڏني وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن منشيات جي خاتمي ۽ خصوصي ماڻهن جي ڀلائي لاءِ وائيس چانسلرز ڪميٽي جي اجلاس کي ??طاب ڪ??دي ڪيو. بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته منشيات ۽ ت??اڪ جي غلط استعمال جي پاليسي کي ??در جي هدايتن جي روشني ۾ حتمي شڪل ڏني وڃي، ايڇ اي سي 28 جولاءِ 2021ع تي پاليسي جي منظوري ڏني، منشيات جي خاتمي واري وزارت منشيات جي استعمال کي رو??ڻ، علاج جي حوالي سان معلومات فراهم ڪرڻ لاءِ موبائيل ايپ زندگي تيار ڪئي آهي، خصوصي شاگردن کي ??عليمي، ٽيڪنيڪي ادارن ۽ يونيورسٽين ۾ داخلا وٺڻ لاءِ 10 سالن تائين جي عمر ۾ نرمي فراهم ڪئي ويندي، بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته خصوصي شاگردن کي ??عليٰ تعليم لاءِ ٽيوشن فيس، هاسٽل فيس ۽ يوٽيلٽي بل تي ڇوٽ ڏني ويندي، صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ملڪ جي اعليٰ تعليمي ادارن کي منشيات ۽ ت??اڪ جي استعمال کان پاڪ بڻائڻ جي ضرورت آهي، يونيورسٽين جي انتظاميه ۽ لاڳاپيل ادارا منشيات کي رو??ڻ تي ڌيان ڏين ته جيئن نوجوانن کي ??عليم لاءِ روزگار فراهم ڪري سگهجي، تعليمي ادارا قوم جي تقدير جي جوڙجڪ ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪندا آهن، هن چيو ته شاگردن کي منشيات کان پاڪ ماحول فراهم ڪرڻ اڻٽر آهي، هن چيو ته منشيات جي خاتمي ۽ ت??اڪ پاليسي ۽ خصوصي شاگردن جي ڀلائي وارين پاليسين کي ??لد کان جلد لاڳو ڪرڻ جي ضرورت آهي، هن منشيات کي رو??ڻ بابت وئيس چانسلرز ڪميٽي ۽ ٻين لاڳاپيل ڌرين پاران جوڙيل پاليسين کي ??ه ساراهيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته ان سان تعليمي ادارن ۾ منشيات کي رو??ڻ ۾ مدد ملندي.