اسلام آباد – 02 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آه?? ته حڪومت صنعتي ترقي جي لاءِ ملڪي ۽ غيرملڪي سيڙپڪارن جي راهه ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪري رهي آه??، سيڙپڪاري جي لاءِ هر ممڪن آساني پيدا ڪر?? حڪومت جي اولين ترجيح آه??. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسپيشل اڪنامڪ زونز ۾ مقامي ۽ غيرملڪي سيڙپڪارن جي آساني لاءِ ون ونڊو سروسز پورٽل قائم ڪر?? ۾ عملي اڳڀرائي جي حوالي سان اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ون ونڊو سروسز قائم ڪر?? جي لاءِ ٺوس حڪمت عملي بابت ٻڌايو ويو. اجلاس ۾ لاڳاپيل اعليٰ عملدار پڻ شريڪ هئا. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته سيڙپڪاري بورڊ تحت ون ونڊو سروسز پورٽل قائم ڪر?? سيڙپڪارن کي درپيش مشڪلاتن کي ختم ڪر?? جي لاءِ عمل ۾ آندو پيو وڃي. پورٽل نه رڳو انتظامي ۽ قانوني منظوريون حاصل ڪر?? پر صن??تن کي سهولتن جي فراهمي ۾ پڻ مدد ڪندو. ان جي لاءِ لاڳاپيل کاتن کي ٻن مرحلن ۾ پورٽل ۾ شامل ڪيو پيو وڃي، پورٽل ۾ ڪاغذي ڪارروائي ۽ ڊيجيٽل منظوريون شامل آه??. وڌيڪ ٻڌايو ويو ته پورٽل ۾ نه رڳو وفاقي کاتا پر صوبائي کاتا به شامل ڪيا پيا وڃن. ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان چيو ته حڪومت صنعتي ترقي جي لاءِ ملڪي ۽ غيرملڪي سيڙپڪارن جي راهه ۾ ايندڙ رڪاوٽون ختم ڪري رهي آه??، سيڙپڪارن جي لاءِ هر ممڪن آساني پيدا ڪر?? حڪومت جي اولين ترجيح آه??. هن چيو ته پورٽل جي حوالي سان سمورين ڌرين سان مشاورت ۽ ٺوس ڪوآرڊينيشن کي يقيني بڻايو وڃي، پورٽل کي مقرر مدي اندر قائم ڪر?? ۽ فعال بڻائڻ کي يقيني بڻايو وڃي.