اسلام آباد – 29 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي فاصلاتي تعليم ۽ اي لرننگ جي فروغ تي زور ڏيندي چيو آهي ته اهو طريقو سستو آهي ۽ ڪيترائي ماڻهو ان جي سگهه رکن ٿا، و??چو??ل يونيورسٽي جي پهچ کي وڌائڻ جي صرورت آهي ته جيئن ملڪ جي ڏورانهن لائقن جا شاگرد آن لائن تعليم مان فائدو کڻي سگهن. صدر اهڙن خيالن جو اظهار ايوان صدر ۾ و??چو??ل يونيورسٽي آف پاڪستان بابت بريفنگ دوران ڪيو. و??چو??ل يونيورسٽي جي ريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر ارشد سليم ڀٽي اجلاس کي آن لائن تعليم ۽ فاصلاتي تعليم جي فروغ ۾ يونيورسٽي جي ڪردار کان آگاهه ڪيو. هن ان ڳالهه تي روشني وڌي ته ف?? الحال 100000 شاگرد مختلف شعبن ۾ داخل اهن ۽ 80000 کان وڌيڪ شاگرد يونيورسٽي مان فارغ ٿي چڪا آهن. هن چيو ته و??چو??ل يونيورسٽي پنهنجي شاگردن کي ڊيجيٽل مهارت فراهم ڪري ر??ي آهي، ان کانسواءِ پنهنجي چار ٽي وي چينلز تي ليڪچرز ۽ تعليمي مواد نشر ڪري ر??ي آهي، اجلاس کي خطاب ڪندي صدر يونيورسٽي انتظاميا کي چيو ته اها ڊيجيٽل دور جي ضرورتن موجب يونيورسٽي جي لاءِ هڪ نئون ويزن ۽ مستقبل جا منصوبا جوڙي ۽ پنهنجي هدفن ۽ مقصدن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ ٽائم لائينز طئي ڪري. هن هايئر ايجوڪيشن ڪم??شن (ايڇ اي سي) تي پڻ زور ڏنو ته اها و??چو??ل ايجوڪيسن جي لاءِ پنهنجي پاليسي کي حتمي شڪل ڏيڻ تي ڪم تيز ڪري جنهن سان ملڪ جي ڏورانهن علائقن سان تعلق رکندڙ شاگردن کي فائدو پهچي.