اسلام آباد – 07 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته مخالف ڌر روئندڙ ٻارن جو ميڙ آهي جنهن جو ڪم صرف روئڻ آهي، جيڪي به سڌارا آڻيون، مخالف ڌر جو ڪم ان تي گوڙ ڪرڻ ۽ ان جي مخالفت ڪرڻ آهي، نيب آرڊيننس تي تنقيد ڪندڙن جون اڪثر تجويزون ان آرڊيننس ۾ شامل آهن، ڪابينا ربيع الاول ۾ عشره رحمت العالمين ﷺ ملهائڻ جو فيصلو ڪيو هو، وزيراعظم عمر??ن خان آچر تي سيرت ڪانفرنس کي خطاب ڪندو، سڄي ملڪ ۾ تحريڪ ا??صا?? جون ضلعي تنظيمون وزيراعظم جو خطاب سڌو سنئون ڏيکارينديون، تحريڪ ا??صا?? جي ڪور ڪميٽي جي اجلاس ۾ عشره رحمت العالمين ﷺ ڀرپور طريقي سان ملهائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان تحريڪ ا??صا?? جي ڪور ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. وفاقي وزير چيو ته وفاقي ڪابينا پنهنجي گذريل اجلاس ۾ عشره رحمت العالمين ﷺ ملهائڻ جو فيصلو ڪيو هو، وزيراعظم عمر??ن خان جي خواهش هئي ته ان حوالي سان سمورين تقريبن پارٽي شرڪت ڪري، ان مقصد جي لاءِ هن پوري پارٽي کي گڏ ڪيو ۽ هدايت جاري ڪئي ته تحريڪ ا??صا?? جي سموريون ضلعي تنظيمون ان حوالي سان تقريبن جو انعقاد ڪن. هن چيو ته وزيراعظم آچر تي سيرت ڪانفرنس کي خطاب ڪندو ۽ عشره رحمت العالمين ﷺ جو آغاز ۽ افتتاح ڪندو. ??ن خطاب جي تقريب پاڪستان تحريڪ ا??صا?? جون سموريون ضلعي تنظيمون سڌو سنئون ڏيکارينديون. اهي تقريبون منعقد ڪرڻ جو مقصد اهو آهي ته اسان پنهنجي نبي ﷺ سان پنهنجي رشتي جو اظهار ڪري سگهون، هن چيو ته وزيراعظم عمر??ن خان پارٽي تنظيم سازي جي حوالي سان رپورٽ به طلب ڪئي آهي، تنظيم سازي جي حوالي سان اسان حڪمت عملي تيار ڪري ورتي آهي، مقامي حڪومتن جون چونڊون به ويجهو اچي رهيون آهن ۽ ضروري آهي ته مقامي حڪومتن جي چونڊن کان پهرين پي ٽي آءِ جي تنظيم سازي مڪمل ٿئي، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته نيب آرڊيننس تي جيڪي تنقيد ڪري رهيا آهن انهن جون اڪثر ترميمون انهي آرڊيننس جو حصو آهن. ٽرائل ڪورٽس کي ضمانت جو حق ڏيڻ، ٽيڪس جي ڪيسن کي نيب جي پهچ کان هٽائڻ ۽ نيب جي عدالتي نظام کي تبديل ۽ مضبوط ڪرڻ تي سڀني جو اتفاق هو، اسان ان ۾ ٽيڪنالاجي آندي آهي، هاڻي ان کانپوءِ نه ڪنهن کي اعتراض آهي ته هو پارليامينٽ ۾ کڻي اچي پي ٽي آءِ ان نيب آرڊيننس جي پويان بيٺل آهي، وفاقي وزير چيو ته نيب سڌارا هجن يا اليڪٽوريل ريفارمز، مخالف ڌر کي ان جي مخالفت ڪرڻي آهي، مخالف ڌر روئندڙ ٻارن جو ميڙ آهي، ان جو ڪم صرف روئڻ آهي، هڪ ٻي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته انگلينڊ ۽ نيوزي لينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن جو دورو ختم ٿيڻ تي پوري دنيا ۾ ڪرڪيٽرز ۽ ماڻهن پاڪستان جي م??قف جي حمايت ڪئي جنهن تي انهن جا ٿورائتا آهيون، ڀارت ان دوري کي ناڪام بڻائڻ جي پوري ڪوشش ڪئي، هن چيو ته اڄ نيوزيلينڊ به پاڪستان اچڻ چاهي پئي ۽ انگلينڊ پنهنجي سيريز ڪنفرم ڪري ڇڏي آهي.