اسلام آباد – 13 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سڄي ملڪ ۾ 12 ربيع الاول شايان شان طريقي سان ملهايو ويندو، ??ور?? ملڪ ۾ ان حوالي سان تقريبون منعقد ڪيون وينديون، اسلام آباد ۾ ملڪي تاريخ جي سڀ کان و??ي تقريب ٿيندي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ 12 ربيع الاول جي تقريب جي تيارين جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ وزيراعظم کي 12 ربيع الاول جي تيارين جي حوالي سان تفصي??ي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن چوڌري فواد حسين، نورالحق قادري، شفقت محمود، خاص معاونين شهباز گل، عثمان ڊار، سينيٽر فيصل جاويد، قومي اسيمبلي ميمبر عامر محمود ڪياني ۽ لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل، سينيٽر سيف الله نيازي ۽ ڊاڪٽر عطاءُ الرحمان و??يو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي.