اسلام آباد – 17 – ن??مب?? (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آه?? ته چونڊ قانونن ۾ ترميم ۽ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين (اي وي ايم) متعارف ڪرائي اسان ماضي جا داغ ڌوئڻ چاهيون ٿا، 1970ع کانپوءِ جيتريون به چونڊيون ٿيون انهن تي سوال اٿيا، وقت اچي ويو آه?? ته اسان پنهنجو رخ صحيح ڪريون ۽ اهڙي قانونسازي ڪريون ته سدائين جي لاءِ آزاداڻو، شفاف ۽ اعتماد جوڳو چونڊ نظام لاڳو ٿئي، حڪومت جي صفن ۾ يڪجهتي ۽ اتحادي گڏ بيٺل آه??، قانونسازي جي لاءِ سمورو طريقيڪار اختيار ڪيو ويو آه??، اي وي ايم مشين انهن ناپاڪ ا??اد?? کي دفن ڪرڻ جي لاءِ آندي پئي وڃي جيڪي ماضي ۾ مڙهيا ويندا هئا، آزاداڻو، شفاف ۽ اعتماد جوڳو چونڊ نظام اختيار ڪيو پيو وڃي، مخالف ڌر اڳواڻ ٻٽو معيار اختيار نه ڪري، سمنڊ پار پاڪستانين جا ڊالر انهن کي قبول آه??، انهن کي ووٽ جو حق ڏيڻ منظور نه آه??، چونڊن کي چوري ٿيڻ ??ان بچائڻ جي لاءِ سمورا ميمبر چونڊ قانونن ۾ ترميم جي حق ۾ ووٽ ڏين. پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته هي ايوان اهڙي قانونسازي ڪرڻ وڃي رهيو آه?? جنهن سان ماضي جون خرابيون ختم ٿينديون ۽ شفاف چونڊ نظام ملڪ ۾ لاڳو ٿيندو. هنچ يو ته حڪومت ڪو ڪارو قانون مڙهڻ نه ٿي چاهي پر اسان ماضي جا داغ ڌوئڻ چاهيون ٿا. اڄ هڪ تاريخي ڏينهن آه??، 1970ع کانپوءِ جيتريون به چونڊون ٿيون انهن تي سوال اٿاريا ويا. وقت اچي ويو آه?? ته اسان پنهنجو رخ صحيح ڪريون ۽ اهڙي قانونسازي ڪريون جو سدائين جي لاءِ آزاداڻو، شفاف ۽ اعتماد جوڳو چونڊ نظام لاڳو ٿئي. شاهه محمود قريشي چيو ته حڪومت اي وي ايم جي معاملي تي مخالف ڌر سان اڳ ۾ به رابطو ڪيو پر مخالف ڌر ڪو ڌيان نه ڏنو. گڏيل اجلاس جلدي ۾ ناهي گهرايو ويو، اسان وٽ عددي اڪثريت نه هجي ها ته هي اجلاس ڇو گهرايون ها، حڪومت جي صفن ۾ يڪجهتي ۽ اتحادي گڏ آه??. قانونسازي جي لاءِ هڪ ٺوس طريقيڪار آه?? جيڪو اسان اختيار ڪيو آه??. ڪجهه ميمبرن ناراضگي ختم ڪرڻ جي لاءِ وقت گهريو هو اسان انهن کي دليلن سان قائل ڪيو آه?? ۽ اهي قائل ٿي ئي اڄ اسان جي صفن ۾ بيٺل آه??. اي وي ايم مشين انهن ناپاڪ ا??اد?? کي دفن ڪرڻ جي لاءِ آندي ئي وڃي جيڪي ماضي ۾ قوم تي مڙهيا ويندا هئا. شفاف چونڊ نظام جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي جو سهارو ورتو پيو وڃي. 1973ع جو آئين هڪ مقدس امانت آه??، ان جي اسان پوري حفاظت ڪنداسين. پرڏيهي وزير چيو ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي چيو ويو آه?? ته هو پارٽي تان استعيفيٰ ڏي، اڄ هڪ تاريخ رقم ٿيڻ وڃي رهي آه?? ۽ شفاف چونڊ نظام جي لاءِ قانونسازي ڪئي پئي وڃي، اهڙو مطالبو اسان ته اڳوڻي اسپيڪر اياز صادق کان نه ڪيو هو، مخالف ڌر اڳواڻ ٻٽو معيار نه اختيار ڪري. ملڪ ۾ چونڊ سڌارن جي سدائين کان ضرورت رهي آه??، 2013ع جي چونڊن کانپوءِ اسان عدالت سان رجوع ڪيو هو جنهن کانپوءِ جوڊيشل ڪميشن قائم ٿي. اسان توهان وانگر بائيڪاٽ نه ڪيو هو ۽ چونڊ سڌارن جي لاءِ مشاورت ۾ توهان سان گڏ ويهي حصو ورتو.