اسلام آباد- 17 ڊسمبر (اي پي پي) گهرو ??عاملن واري وفاقي وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان او آءِ سي ڪانفرنس کي خطاب ڪندو. گذريل ڏينهن ميڊيا سان ڳالهائيندي گهرو ??زير چي?? ته او آءِ سي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ ايندڙ پرڏيهي نمائندا اسان جا مهمان آهن، انهن جو خاص خيال رکيو ويند?? ته جيئن انهن جي خدمت ۽ سيڪيورٽيءَ ۾ ڪنهن قسم جي ڪا ڪسر نه رهجي وڃي. هن چي?? ته ان ڪانفرنس ۾ 57 ملڪن جا نمائندا ۽ـ پرڏيهي وزير شرڪت ڪري رهيا آهن. او آءِ سي ڪانفرنس هن وقت افغانستان جي ??ور??حال اتي جنم وٺندڙ انساني مسئلن ۽ـ افغانستان کي گهربل امداد ۽ توجهه جي حوالي سان تار??خي ڪردار ادا ڪندي. هن چي?? ته او آءِ سي ڪانفرنس جو سهرو ??وجوده حڪومت ڏانهن وڃي ٿو. 40 سالن کانپوءِ پاڪستان ۾ او آءِ سي ڪانفرنس جو هي قدم وزيراعظم عمران خان ورتو آهي. هن چي?? ته ان ڪانفرنس دوران اسلام آباد ۾ ڇنڇر ۽ سومر تي موڪل هوندي. ڪانفرنس پارليامينٽ ۾ ٿي رهي آهي ان دوران ريڊ زون ۾ ايندڙ ويندڙن جي مشڪلاتن تي عوام کان معذرت خواه آهيون. هن چي?? ته هي تمام اهم ڪانفرنس آهي ان جي سيڪيورٽي جون ذميداريون پاڪ فوج، سول ادارا?? ايجنسيز سي ڊي اي ۽ اسلام آباد پوليس ملي ڪري ڪري رهيون آهن.