اسلام آباد – 26 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ڏکڻ آفري??ا جي آنجهاني اڳواڻ نيلسن منڊيلا جي ويجهي ساٿي نوبل ا??عا?? يافته آرچ بشپ ڊسمنڊ ٽ??ٽو جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ٽوئيٽر تي جاري پنهنجي تعزيتي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم ڊسمنڊ ٽ??ٽو جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڊسمنڊ ٽ??ٽو نسل پرستي جي خلاف ۽ انساني حقن جي لاءِ جدوجهد ۾ هڪ قدآور شخصيت هئي. وزيراعظم چيو ته ڏکڻ آفري??ا جي آزادي ۽ قومي مفاهمت ۾ سندس اهم ڪردار ايندڙ نس??ن جي لاءِ مشعل راهه آهي.