اسلام آباد – 30 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته فنانس بل جي حوالي سان ميمبرن کي آگاهه ڪيو ويو آهي، ميمبرن کي حق آهي ته پيش ڪيل بل بابت کين آگاهه ڪيو وڃي. حڪومتي پارلياماني پارٽي اجلاس کانپوءِ پارليامينٽ هائوس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پرڏيهي وزير چيو ته فنانس بل جي حوالي سان ناڻي واري وزير ميمبرن جي سوالن جا جواب ڏنا جڏهن ته اسٽي?? بئن?? ايڪٽ ۾ ترميم جي حوالي سان شڪ شبهن کي ختم ڪيو ويو. پرڏيهي وزير چيو ته پارليامينٽ کي اهو حق حاصل آهي ته جيڪڏهن ڪٿي قانوني جهول کي ختم ڪرڻ ضروري هجي ته سادي اڪثريت سا?? ان ۾ ترميم ڪري سگهجي ٿي، هن چيو ته اسٽي?? بئن?? ايڪٽ ۾ ترميم جي حوالي سان ميمبرن کي آگاهه ڪيو ويو، ڪابينا جي خصوصي اجلاس ۾ به فنانس بل تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي.