اسلام آباد – 11 سيپٽمبر (اي پي پي) وفاقي ڪابينا ۾ شامل ٿيندڙ ٽن نون وفاقي وزيرن ۽ ٽن مملڪتي وزير?? پنهنجي عهدن جو حلف کنيو ايوان صدر ۾ سادي پروقار تقريب ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي نون وزيرن ۽ نون مملڪتي وزيرن کان حلف ور??و، تقريب دوران علي محمد خان، عمر ايوب ۽ حيدر علي زيدي وفاقي وزير جڏهن ته مراد سعيد، محمد شبير علي ۽ محمد حماد اظهر مملڪتي وزي??ن جي عهدن جو حلف کنيو.