لاهور – 08 اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ان اعتماد جو اظ??ار ڪيو آهي ته حڪومت، ادارا ۽ عوام گڏجي جهڙي طرح ڪرونا وائرس ۽ ان سبب پ??دا ٿيندڙ صورتحال کي منهن ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ان جي نتيجي ۾ اسان مشڪل مان نڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وينداسين، قومون اهڙي قسم جي صورتحال مان سکنديون آهن، جيڪا وبا آئي ڪو به ملڪ ان جي مق??بل?? لاءِ تيار نه هو، صحت جي شعبي، عملي عملي، پوليس، فوج، رينجرس ۽ عالم سڳورن سميت سمورن جون ان ڏس ۾ ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. يونيورسٽي آف هيلٿ سائنسز لاهور ۾ ٽيلي ميڊيسن سروس جي افتتاح جي موقعي تي ڳالهائيندي صدر تحقيق جي شعبي ۾ يونيورسٽي آف هيلٿ سائنسز جي نجي شعبي سان حصيداري کي ساراهيو.