اسلام آباد – 21 مئي (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) کي ٻڌايو ويو ته هن وقت پوري ملڪ ۾ 631 سمارٽ لاڪ ڊائون موجود آهن، ٽيست، ٽريڪ ۽ ڪوارنٽئين (ٽي ٽي ڪيو) حڪمت عملي ??روع ڪرڻ کانپوءِ هيستائين ٽيسٽنگ جي صلاحيت ٻيڻي ٿي وئي آهي. منصوبابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت ۾ اين سي او سي ۾ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو جنهن ۾ عيدالفطر جي ايس او پي، ڪورونا وائرس جي صورتحال، ٽي ٽي ڪيو اپ ??يٽ ۽ مواصلات جي حڪمت عملي ??ي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.