اسلام آباد – 06 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اڄ دنيا ڪورونا جي خلاف پاڪستان جي حڪمت ??ملي جو اعتراف ڪري رهي آهي، ايشين ڊولپمينٽ بئنڪ احساس پر??گرام تحت گهٽ مدي ۾ ايتري وڏي رقم ورهائڻ تي پاڪستان جي قدمن کي ساراهيو آهي، معيشت جو ڦيٿو هلائڻ ضروري آهي، ٽائيگر فورس جا رضاڪار ايس او پيز تي عمل ڪرائين. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي ٽوئيٽس ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته احساس پر??گرام تي ڊاڪٽر ثانيه نشتر ۽ احساس جي سڄي ٽيم شاباس جي مستحق آهي. وزيراعظم چيو ته اسان جي ملڪ تي الله جو ڪم رهيو آهي، هن پوري قوم ۽ ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول ٽيم ۽ ط??ي عملي جي خدمتن کي پڻ ساراهيو. وزيراعظم چيو ته اسان جو ملڪ ان مقام تي آهي جتي اڃا به احتياطي تدبيرن تي مڪمل عملدرآمد اسان کي وڏي مصيبت کان بچائي سگهي ٿو.