اسلام آباد – 30 جون (اي پي پي) عالمي اسلامي يونيورسٽي اسلام آباد جي بورڊ آف ٽرسٽيز جو 14 هون اجلاس صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي صدارت هيٺ ايوان صدر ۾ ٿيو. اجلاس ۾ يونيورسٽي جي صدر لاءِ ڊاڪٽر هتل بن جمودالعتيبي جي نالي جي متفقه طور تي منظوري ڏني وئي. هو هن وقت امام محمد بن سعود يونيورسٽي ۾ خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ موجب عالمي اسلامي يونيورسٽي اسلام آباد جي ريڪٽر ڊاڪٽر معصوم ياسين زئي اجلاس جي شرڪت ڪندڙن کي اسلامي يونيورسٽي جي سرگرمين ۽ ان جي ملڪ ۾ تع??يم جي فروغ لاءِ ڪردار بابت آگاهه ڪيو. صدر بورڊ آف ٽرسٽيز جي ??يم??رن جي آجيان ڪندي چيو ته عالمي اسلامي يونيورسٽي علم سکڻ جو هڪ عظيم مرڪز آهي جيڪا نه رڳو جديد تع??يم فراهم ڪري ٿي پر شاگردن کي شريعت، اسلام جي تاريخ ۽ ثقافت بابت تع??يم ڏيڻ جي لاءِ پڻ ا??م خدمتون فراهم ڪري ٿي.