ڪراچي – 11 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومت جي تعاون سان ٽي سالن ۾ ڪراچي جا مسئلا حل ڪيا ويندا، ڪراچي پيڪيج تي ڪنهن کي ڪو شڪ نه هجڻ گهرجي، جامع تعاون سان 1100 ارب روپ??ن جي پيڪيج تي عملدرآمد سان صورتحال ۾ بهتري ايندي، الله جي رحمت ۽ قوم جي حيثيت سان ڪوششن جي ڪري ڪورونا و??ا تي ضابطو آڻڻ ۾ ??ام??اب رهياسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح رحه جي ورسي جي موقعي تي مزار قائد تي حاضري کانپوءِ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ گورنر عمران اسماعيل سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو.