اسلام آباد – 28 سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاق?? وزير سينيٽر شبلي فراز ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري وفاق?? وزير علي امين گنڊاپور چيو آهي ته جمهوري نظام جي استحڪام تي يقين رکون ٿا، گلگت بلتستان ۾ صاف شفاف چونڊون منعقد ڪرڻ اليڪش ڪميشن جي ذميواري آهي، گلگت بلتستان کي صوبي جي آئيني حيثيت ڏيڻ جو فيصلو اليڪشن جي ڪري نه پر اتان جي عوام جي امنگن جي ڏس ۾ ڪيو آهي، گلگت بلتستان پ??ڪس??ان جو معاشي بيس ڪئمپ ثابت ٿيندو، گلگت بلتستان قانونساز اسيمبلي جون چونڊون 15 ن??مب?? 2020ع تي ٿينديون جنهن ۾ مجلس وحدت المسلمين (ايم ڊبليو ايم) پ??ڪس??ان تحريڪ انصاف جو ساٿ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، اسان ان فيصلي جي آجيان ڪريون ٿا، تحريڪ اسلامي پ??ڪس??ان ۽ ٻين پارٽين جي اتحاد جي حوالي سان ڳالهين جو عمل جاري آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هنن مجلس وحدت المسلمين جي اڳواڻ ناصر عباس ۽ ٻي?? اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.