اسلام آباد – 16 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آ??ي ته قوم جي??ڏه?? اڳ ??ان??ر ڪورونا کان بچاءُ جي ضابطن تي عمل ڪيو ته ماڻهن سان گڏوگڏ پنهنجي ڪاروبار ۽ معيشت کي بچائڻ ۾ ڪامياب ٿينداسين، جي??ڏه?? ايس او پيز تي عملدرآمد نه ڪيو ويو ته صورتحال انتهائي ڳڻتي جوڳي ٿي سگهي ٿي، گلگت بلتستان ۾ چونڊن کانپوءِ ڪورونا تيزي سان پکڙيو آ??ي، ڪورونا وبا جي ڏس ۾ اسان پنهنجو جلسو ملتوي ڪري رهيا آهيون ۽ سڄي ملڪ ۾ جلسن جلوسن تي پابندي هوندي، فيڪٽرين، دڪانن ۽ ڪاروباري مرڪزن ۾ ڪورونا کان بچاءُ جي ايس او پيز تي عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي، اسڪولن ۾ ڪورونا جي صورتحال جو وڌيڪ ج??ئزو وٺي ايندڙ هفتي فيصلو ڪيو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪورونا بابت رابطا ڪميٽي جي اجلاس ک??نپوءِ ميڊيا بريفنگ دوران ڪيو.