تهران _17 آگسٽ(اي پي پي) ايران جي صدر ابراهيم رئيسي چيو آهي ته پرڏيهي ملڪ ج??ري ڪيل اثاٽن کي ملڪي پيداوار لاءِ استعمال ڪيو ويندو، ميڊيا رپورٽن موجب گذريل هفتي ايران ۽ آم??يڪا وچ ۾ ٿيل معاهدي هيٺ ايران ۾ قيد پنجن آم??يڪي قيدين کي آزاد ڪيو ويندو، جڏهن ته ڏکڻ ڪوريا ۾ موجود 06 ارب ڊالر جي ايراني اثاثن کي غير منجمند ڪري قطر جي هڪ اهڙي اڪائونٽ ۾ منتقل ڪيو ويندو جنهن تائين ايران جي رسائي ممڪن ٿي سگهي، آم??يڪي عملدارن جوچوڻ آهي ته ايراني فنڊز کي محدود اڪائونٽ ۾ رکيو ويندو ۽ ان ??ي خوراڪ يا دوائن جي خريداري جهڙي انساني مقصد لاءِ استعمال ڪيو ويندو، ايران پهرين قدم طور حراست ۾ ورتل چئن آم??يڪي شهرين کي تهران جي جيل مان ??هر ۾ نظر بند ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي، جڏهن ته 05 شهري اڳ ئي گهر ۾ نظر بند هئا، گڏيل قومن ۾ ايران جي مشن چيو آهي ته معاهدي هيٺ آم??يڪا ??جهه ايرانين کي آم??يڪي جيلن مان آزاد ڪندو، ايران جي صدر ابراهيم رئيسي اثاثن جي حوالي سان ??ذريل ڏينهن هڪ بيان ۾ چيو هو ته پرڏيهي ملڪ ج??ري ڪيل اثاثن کي ملڪي پيداوار وڌائڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو.