اسلام آباد – 16 – ڊسمبر (اي پي پي) ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) موبائيل ڊيوائس مينوفيڪچرنگ ۽ اليڪٽرڪ وهيڪل پاليسي جي م??ظوري ڏيندي م??امي سطح تي م??بائيل فون جي تياري جي شعبي جي حوصلا افزائي جي لاءِ ريٽيلرز جي لاءِ مينوفيڪچرنگ تي 4 سيڪڙو ود هولڊنگ ٽيڪس ختم ڪرڻ جي م??ظوري ڏئي ڇڏي آهي، ان کانسواءِ مقامي طور تي م??بائيل فونز جي تياري تي سيلز ٽيڪس کي ختم ڪرڻ جي اصولي م??ظوري پڻ ڏني وئي جنهن جي لاءِ طريقيڪار ناڻي واري وزارت سان مشاورت کانپوءِ طئي ڪيو ويندو. اجلاس ۾ اقتصادي مع??ملن واري وزارت پاران قرض وٺڻ جي نئين پاليسي 2020ع پيش ڪئي وئي. ان کانسواءِ اجلاس عالمي فنانس ڪارپوريشن پاران پاڪستاني رپئي سان واڳيل بانڊ جاري ڪرڻ جي م??ظوري پڻ ڏني وئي، ڪراچي ٽرانسفارميشن پلان جي ايجنڊا کي اي سي سي جي ايندڙ اجلاس تائين ملتوي ڪيو ويو. ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس ناڻي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ جي صدارت ۾ ٿيو.