اسلام آباد – پهرين فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم ??مران خان چيو آهي ته مديني جي رياست جديد فلاحي رياست هئي، اتي ڪو قانون کان مٿانهون نه هو، تعليمي ادارن ۾ سيرت النبي صه جو مضمون پڙهائڻ جي تجويز غور هيٺ آهي، مديني جي رياست جي سنهري اصولن تي جنهن قوم به عمل ڪيو ان ڪاميابي حاصل ڪئي، حضور پاڪ صه جو آخري خطبو هيومن رائيٽس چارٽر جو عظيم مثال آهي، اسلامو فوبيا جا واقعا مس??مان امت جي لاءِ تڪليف ڏيندڙ آهن، گستاخانا مواد جي ڇپائي مس??مانن جي لاءِ سڀ کان وڌيڪ تڪليف ڏيندڙ آهي، اسلامو فوبيا جي تدارڪ جي لاءِ مس??مان ملڪن جي سربراهن کي گڏجي آواز بلند ڪرڻو پوندو. عوام سان ٽيليفون تي سڌوسنئون ڳالهائيندي وزيراعظم ??مران خان چيو ته مس??مانن جي وڏي بدقسمتي آهي جو 1989ع کان جڏهن سلمان رشدي ڪتاب لکيو ۽ ان اسان جي نبي صه جي شان ۾ گستاخي ڪئي تڏهن کان اولهه جي اندر گذريل 30 سالن کان اسان جي نبي صه جي شان ۾ گستاخي جو سلسلو شروع ٿيو، اهڙي طرح جي حرڪتن سان مس??مانن کي تڪليف پهتي هئي ۽ ماڻهو رستن تي نڪتا هئا، ڇو ته اولهه کي ان شيءَ جي سمجهه نه هئي، اهي بلڪل دي?? کي ٻي طرح وٺندا هئا، جهڙي طرح اسان وٺون ٿا هو ائين نه ٿا وٺن، نه ئي انهن کي سمجهه آهي ته مس??مانن کي ڪيتري تڪليف پهچي ٿي، ڪيئن نبي صه اسان جي دلين ۾ رهن ٿا اسان کي پنهنجي فيملي کان وڌيڪ تڪليف ٿئي ٿي، ڪا شيءَ اسان کي ايتري تڪليف نه ٿي ڏي جيتري حضور صه جي شان ۾ گستاخي تڪليف ڏي ٿي، پر اولهه کي اها شيءَ سمجهه ۾ نه ٿي اچي، ڇو ته اهي چون ٿا ته اظهار راءِ جي آزادي آهي، اظهار راءِ جي آزادي جي نالي تي جيڪو به ڪن جيتوڻيڪ اتي ڪيتريون ئي شيون اظهار راءِ جي آزادي ۾ نه ٿيون اچن، جڏهن وزيراعظم ??ڻيس ته پهرين او آءِ سي ۾ ان ايشو کي اٿاريو پوءِ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي اجلاس ۾ ان کي اٿاريو، ملائيشين وزيراعظم ۽ ترڪ ص??ر سان گڏجي ان تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، ڪيترائي ماڻهو ڄاڻي واڻي فتنو ڪن ٿا.