اسلام آباد – 02 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته گلگت بل??ستان کي سياحت جو مرڪز بڻائڻ وزيراعظم عمران خان جو ويزن آهي، سياحت جي ترقي سان علائقي جي عوام جو نه رڳو ??ند??ي جو معيار بلند ٿيندو پر انهن کي روزگار جا وسيع موقعا پڻ ملندا. هو گلگت بل??ستان جي وڏي وزير محمد خالد خورشيد سان ڳالهائي رهيو هو جنهن هتي ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ گلگت بل??ستان جو اطلاعات وارو وزير فتح الله خان پڻ م??جو?? هو. وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته گلگت بل??ستان قدرتي حسن سان مالامال آهي، هي خ??و سڄي دنيا جي سياحن جي لاءِ هڪ حسين ۽ پرڪشش جڳهه آهي. گلگت بل??ستان جي ترقي ۽ خوشحالي اسان جي حڪومت جي اولين ترجيح آهي. هن چيو ته گلگت بل??ستان جي خوبصورتي ۽ علائقائي ثقافت اجاگر ڪرڻ ۾ پي ٽي وي پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهي آهي. اطلاعات واري وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته پاڪستان جي خوبصورت جاين تي فلمن جي عڪسبندي نئين فلم پاليسي جو حصو بڻائي رهيا آهيون.