اس??ام آباد – 12 اپريل (اي پي پي) منصوباب??دي ۽ ترقي واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته آدمشماري جي بنيادي فريم ورڪ تي 6 کان 8 هفتن ۾ ڪم مڪمل ٿي ويندو ۽ سيپٽمبر يا آڪٽوبر ۾ نئين آدمشماري جو عمل شروع ٿي ويندو، نئين آدمشماري جو عمل مارچ 2023ع تائين مڪمل ڪيو ويندو، آدمشماري اليڪشن جو بنياد بڻج??دي آهي ۽ 2023ع اليڪشن نئين آدمشماري موجب نه ٿي ته ننڍن صوبن جي نمائندگي گهٽ ٿي ويندي. گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي اجلاس کانپوءِ اس??ام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪ??دي اسد عمر چيو ته آدمشماري جي حوالي سان ڪابينا جي ڪميٽي پڻ ٺاهي وئي ۽ ان ان حوالي سان پنهنجون سفارشون به جوڙيون. هن چيو ته آدمشماري اليڪشن جو بنياد بڻج??دي آهي ۽ تازي تڪبندين جي بنياد تي تڪبنديون ڪيون وڃن ٿيون ۽ انهي جي بنياد تي اليڪشن ڪرايون وڃن ٿيون جڏهن ته 2018ع جي اليڪشن کي خاص آئ??ني ترميم ذريعي خصوصي ڇوٽ ڏني وئي هئي. هن چيو ته ضمني چونڊون پراڻي تڪبندين ۽ آدمشماري سان ٿي سگهن ٿيون پر مقامي حڪومتن جون چونڊون نئين آدمشماري جي بنياد تي ئي ٿينديون ۽ ان ۾ عدليه جي به تمام گهڻي دلچسپي آهي. وفاقي وزير چيو ته 2023ع اليڪشن کان اڳ آدمشماري تي حتمي فيصلو نه ٿيو ته آئ??ني ترميم جي ڇوٽ ختم ٿيڻ سبب ايندڙ اليڪشن 1998ع جي ئي آدمشماري جي بنياد تي ٿينديون جنهن جي نتيجي ۾ ٽنهي ننڍن صوبن جي اسيمبلي ۾ نمائندگي گهٽ ٿي وي??دي ۽ پنجاب جي نمائندگي وڌي ويندي.