اسلام آباد – 08 جون (اي پي پي) قوم?? اسيمبلي ج?? اسپيڪر اسد قيصر پارلياماني رپورٽرز ايسوسيئيشن جو عهدو ڇڏيندڙ عهديدارن کي ڪاميابي سان پنهنجو مدو پورو ڪرڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته پارلياماني صحافت جو پارلياماني ڪارروائي ۾ وڏو اهم ڪردا?? آهي، پارلياماني رپورٽرز کي ڪم ڪرڻ لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ تي يقين رکون ٿا، هو پي آر اي جي عهدو ڇڏيندڙ باڊي ۽ سينئر صحافين جي اعزاز ۾ سينيٽ چيئرمين جي پاران ڏنل مانجهاندي کي خطاب ڪري رهيو هو. اسپيڪر چيو ته پرنٽ کان اليڪٽرانڪ ۽ هاڻي ڊجيٽلائيزيشن ميڊيا جو دو?? آهي ۽ پوءِ سوشل ميڊيا تيزي سان طاقت بڻجي اڀري رهيو آهي، سوشل ميڊيا جي اچڻ کانپوءِ هاڻي خبر وقت جو انتظار ناهي ڪندي، پر خبر جي رفتار سپر سونگ جهاز وانگر تيز آهي، ميڊيا ڊجيٽلائيزيشن کي شفاف شڪ?? ڏيڻ به هڪ وڏو چئلينج آهي،